ملڪ ۾ ڪورونا وگهي 113 ماڻهو فوت، 3 هزار 84 نوان ڪيس ظاهر

0
231
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وگهي 113 ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد فوتين جو انگ 19 کان وڌي ويو، سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا جا 38883 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 3084 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي، جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 113 ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا، ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسز جي شرح 7.93 رهي، ملڪ ۾ هيل تائين ڪورونا سبب فوتين جو انگ 19106 ٿي ويو، جڏهن ته ڪلڪ ڪيسز جو تعداد 8 لک 64557 ٿي ويو آهي ۽ فعال ڪيسز جو تعداد 78959 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين ڪورونا سان 7 لک 66492 ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.