ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگھي وڌيڪ 67 مريض فوت

0
244

اسلام آباد (ڊيسڪ رپورٽ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس وگهي هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 26 هزار 787 ٿي ويو، پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 7 هزار 508 ٿي ويو.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽرموجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 988 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، پنجاب ۾ 4 لک 14 هزار 390، سنڌ ۾ 4 لک 45 هزار 369، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 68 هزار 748، بلوچستان ۾ 32 هزار 591، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 168، اسلام آباد ۾ هڪ لک 2 هزار 863، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 379 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن.

سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 85 لک 21 هزار 728 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 53 هزار 158 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 10 لک 90 هزار 176 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته 5 هزار 66 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪروونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 67 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 26 هزار 787 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 225، سنڌ ۾ 7 هزار 159، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 270، اسلام آباد ۾ 889، بلوچستان ۾ 342، گلگت بلتستان ۾ 181 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 721 مريض حياتيون وڃائي ويٺا.