ملڪ ۾ ڪورونا جا هاڃا: 161 مريض فوت، 3 هزار 377 نوان ڪيس ظاهر

0
375
پاڪستان ۾ ڪورونا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس جا هاڃا جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وبا وگهي 161 مريض فوت ٿي ويا، جنهن بعد وبا وگهي فوتين جو ٽوٽل انگ 18 هزار 310 ٿي ويو، اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 3 هزار 377 نوان ڪيس به ظاهر ٿيا آهن، ملڪ ۾ مثبت ڪيسز جي شرح 8.0 رهي، سرڪاري پورٽل موجب 24 ڪلاڪن ۾ 5018 مريض ڪورونا کان صحتياب به ٿيا آهن، جنهن بعد مجموعي طور تي صحتياب ٿيلن جو تعداد 7 لک 33062 ٿي ويو آهي، سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ مريضن جو تعداد 286521 آهي جڏهن ته 4678 ماڻهو هي تائين فوت ٿي چڪا آهن، پنجاب ۾ ڪل مريضن جو انگ 308529 آهي ۽ 8683 مريض اجل جو شڪار ٿي ويا، ڪي پي ۾ ڪورونا مريضن جو انگ 120590 ۽ 3423 فوتگهيون ٿيون آهن، جڏهن ته گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو مجموعي تعداد 76492 ٿي ويو ۽ هن وقت تائين 693 مريض فوت ٿي چڪا آهن.