ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آل پاڪستان پيپر مرچنٽ ايسوسيئشن جي چيئرمين سليم بيڪيا، پبلشر ايسوسيئشن جي اڳواڻ خالد عزيز ۽ نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي چتاءُ ڏنو  آهي ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر ڪاغذ جي قيمتن تي ضابطو آڻي لاڳو ڪيل سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڪاغذ جي فراهمي يقيني نه بڻائي وئي ته نئين تعليمي سال جا درسي ڪتاب اڻلڀ ٿي ويندا. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته پاڪستان ۾ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو سڌي يا اڻسڌي ريت ڪاغذ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن، ڪاغذ مهانگو ٿيڻ ڪري انهي روزگار سان لاڳاپيل لکين ڪٽنب بيروزگار ٿيڻ جو خدشو آهي،  هنن چيوته دنيا ۾ ڪاغذ تي سڀ کان وڌيڪ ڊيوٽي سميت ٻيا ٽيڪس پاڪستان ۾ لاڳو ٿيل آهن، سٺي ۽ معياري ڪاغذ لاءِ جيڪڏهن پرڏيهه مان ڪاغذ گهرايون ٿا ته ان تي تمام گهڻو ٽيڪس وصول ڪيو وڃي ٿو، اسان ساليانو اڍائي ارب ٽيڪس ادا ڪريون ٿا، هنن چيو ته اسان ڪتابن جي قيمت وڌائي نه ٿا سگهون، انهي ڪري رڳو  پنج سيڪڙو ڪاغذ پرڏيهه مان گهرايون ٿا، باقي  95 سيڪڙو مقامي ڪاغذ استعمال ڪرڻ تي مجبور آهيون، جيڪو غير معياري هجڻ باوجود من پسند اگهن تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، هنن چيو ته پاڪستان ۾ ڪاغذ ٺاهيندڙ ٽن ڪمپنين جي هڪ هٽي هجڻ ڪري سندن قيمت توڙي معيار تي حڪومت طرفان ڪا نگراني ناهي، هنن چيو ته   موجوده صورتحال برقرار رهي ته سنڌ ، پنجاب ۽ ڪي پي ٽيڪسٽ بوڪ بورڊن جا درسي ڪتاب مارڪيٽ ۾ موجود نه هوندا. نامياري معاشي ماهر قيصر بنگالي چيو ته پاڪستان مان ڪاغذ وارو ڪم ختم ٿي رهيو آهي، اڄ به ڪيترائي ڪتاب پرڏيهه مان ڇپجي هتي وڪرو ٿين ٿا، پاڪستان ۾ پاڻي ۽ وڻن جي گهٽتائي سبب مختلف مٽيريلز مان ٺهندڙ ڪاغذ جو معيار به بهتر ناهي، انهي ڪري پاڪستان ۾ ڪاغذ ٺاهڻ واريون فيڪٽريون بند ڪري سمورو ڪاغذ پرڏيهه مان گهرايو وڃي ٿو