ملڪ ۾ پهرين کان اٺين درجي جا ڪلاسز عيد تائين بند رکڻ جو فيصلو

0
553
حڪومت جو احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ پهرين کان اٺين درجي جا ڪلاسز عيد تائين بند رکڻ جو فيصلو، وفاقي وزير شفقت محمود بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس بعد چيو آهي ته هاڻي نائين کان ٻارهين درجي تائين امتحان اپريل مهيني جي آخري هفتي کان اڳ نه ورتا ويندا، لاڳاپيل تعليمي بورڊز مئٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن لاءِ نين تاريخن جو اعلان ڪندا، امتحانن جي نئين شيڊول کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽيز ۾ داخلائون ڪيون وينديون، فيصلا بين الصوبائي تعليمي وزيرن جي اجلاس ۾ ڪيا ويا، اجلاس ۾ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي وزيرن طرفان شرڪت ڪئي وئي.