ملڪ ۾ وري ڌمڪين ۽ گرفتارين جي سياست

0
226
ملڪ ۾ وري ڌمڪين ۽ گرفتارين جي سياست

پنهنجو ملڪ خير سان پنهنجي قيام جا 75 سال مڪمل ڪري ۽ 76هين سال ۾ داخل ٿي چڪو آهي پر انهن سمورن سالن مان هر سال جي تاريخ تي نظر پوندي ته اهو ئي نظر ايندو ته ڪو سال اهڙو ناهي جڏهن اسان جو ملڪ انارڪي، افراتفري، ڏڦيڙ، دشمني واري سياست، هنگامن جو شڪار نه رهيو هجي ۽ جڏهن ملڪ مان اهي صدائون نه آيون هجن ته ملڪ انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ هن وقت ملڪ کي امن ۽ استحڪام جي ضرورت آهي. پر انهن سمورن سالن ۽ ڏهاڪن ۾ اسان جي ملڪ کي امن ۽ استحڪام نه ملي سگهيو آهي. 1947ع ۾ ڀارت سان ڪشمير تي ٽڪراءُ، وري قائداعظم هٿان آرمي چيف جي برطرفي، قائد اعظم جو موت، وري ٻئي آرمي چيف جي برطرفي، لياقت علي خان جو موت، سياسي عدم استحڪام سبب هڪ مٿان ٻئي وزيراعظم جي آمد ۽ پوءِ اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت، غلام محمد ۽ اسڪندر مرزا جو اقتدار ۾ اچڻ، پردي پويان اسٽيبلشمنٽ جي اشارن تي تبديليون اچڻ ۽ آخرڪار ايوب خان جي سڌي مداخلت سان فوج جي پهريون ڀيرو حڪومت قائم ٿيڻ. ملڪ ون يونٽ جي نالي تي بنگال جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪرڻ ۽ ان فيصلي خلاف عوام جو احتجاج ڪندي رستن تي نڪري اچڻ ۽ ون يونٽ کي رد ڪرڻ، سياسي جدوجهد جو هلڻ، ٻولي جي تحريڪ، ووٽرلسٽن جي سنڌي ۾ ڇپائي، فوجي ڪمان ۾ تبديلي، 1965ع واري جنگ، يحيٰ خان جي رنگين فوجي قيادت، 1971ع جا واقعا ۽ بنگلاديش جو وجود وٺڻ، 1973ع جو آئين جڙڻ، ان تي اختلاف، ترميمون، ڀٽو دور ۾ سياسي جدوجهد، ضيا جي آمريت، افغان پناهگيرن جي ڪري ملڪ ۾ منشيات ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر جي آمد، دهشتگردي جو اسرڻ، فرقيواريت ۽ لسانيت جي نفرت جو وڌڻ، وري غيرجماعتي بنيادن تي چونڊون، اها حڪومت به 3 سالن اندر ختم ٿي وڃڻ، ان بعد 1999ع تائين حڪومتن جو مدو پورو نه ڪرڻ ۽ سياسي افراتفري، مشرف جو دور، دهشتگردي جو عروج، بينظير ڀٽو جو قتل، سياسي حڪومتن جي واپسي باوجود سياسي استحڪام نه اچڻ اهي معاملا آهن جيڪي اسان جي تاريخ جو حصو آهن. اسان جي اها تاريخ لڳي ٿو ته ڪٿي دنگ نه ٿي ڪري ۽ اسان هڪ چوراهي تي بيٺا آهيون ۽ ٿوري ٿوري وقت بعد وري وري اچي ساڳئي هنڌ تي پهچون ٿا.

هاڻ وري اسان اهو ٻڌي رهيا آهيون ته ملڪ کي استحڪام کپي، پر اهو استحڪام ملي نه رهيو آهي. گذريل چئن سالن کان جيڪا اسيمبلي قائم آهي ان جي ڪري ملڪ وري افراتفري جو شڪار ٿيو آهي. عمران خان جي دور ۾ سياسي مخالفن کي نشانو بڻايو ويو، اپوزيشن ليڊر جي گهر ۾ پوليس جو داخل ٿيڻ، حڪومت مخالف اڳواڻ جي گهرڀاتين جي گرفتاري، عورتن کي جيل ۾ وجهڻ، انهن خلاف بدڪلامي ڪرڻ، الزام هڻائڻ، ذاتي الزام هڻڻ جي ڪا کوٽ نه رهي. 2022ع ۾ عمران حڪومت ختم ٿي ته 13 پارٽين جي حڪومت آئي اميد ڪئي وئي ته هاڻ استحڪام اچي ويندو پر اهو خواب هڪ ڀيرو وري چڪنا چور ٿي ويو. وري به سياسي انتقام، سياسي گرفتاريون، ماڻهو کڻي وڃڻ، کنڀڻ، صحافين جون گرفتاريون، ميڊيا ادارن جي بندش، اپوزيشن پاران حڪمرانن کي، اسٽيبلشمنٽ کي، آفيسرن کي، جنرلز کي غدار قرار ڏيڻ، پاڻ کانسواءِ ڪنهن کي ملڪ جو سڄڻ نه سمجهڻ وارو ساڳيو سلسلو جيڪو 2018ع جي عام چونڊن بعد قائم ٿيو هو اهو جاري آهي. ڪالهه پي ٽي آءِ جي اهم اڳواڻ فواد چوڌري کي گرفتار ڪيو ويو. عمران خان جي گرفتاري جا افواهه پکيڙيا ويا جنهن سان ملڪ وري افراتفري ۾ هليو ويو آهي ۽ اها اميد ختم ٿي وئي آهي ته ڪو ملڪ ۾ امن قائم ٿيندو ۽ استحڪام ايندو جنهن سان معاشي حالتون بهتر ٿينديون. پر حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خطرو آهي. اسان جي سمورين ڌرين کي اپيل آهي ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي سياسي افهام تفهيم کان ڪم وٺن ۽ جيئو ۽ جيئڻ ڏيڻ ڏيو جي اصول تي ڪم ڪندي ملڪ کي ترقي ڪرڻ ڏين ته عوام جي ڀلائي ٿي سگهي.