اسلام آباد (بيورورپورٽ) مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح 48 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. ڳڻپ کاتي ماهوار مهانگائي جا انک اکر جاري ڪري ڇڏيا جنهن موجب هڪ مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 32 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ان کان اڳ اپريل 1975 ۾ مهانگائي جي شرح 29.3 سيڪڙو هئي. ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ 2022ع کان فيبروري 2023ع دوران مهانگائي جي شرح 26 ڏهائي 19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي. انگن اکرن موجب شهرن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 54 سيڪڙو واڌ جڏهن ته ٻهراڙي واري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 01 سيڪڙو واڌ ٿي، واڌ کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. هڪ سال ۾ بصر 416 سيڪڙو، ڪڪڙ 96، آنا 78، چانور 77، چڻا 65، سگريٽ 60، مڱن جي دال، چڻن جي دال ۽ اٽو 56-56 سيڪڙو، ماش جي دال 50.77، تيل 50.66، گيهه 45، ميوا 45، کير 32، مهري جي دال 27، شربت 24، پٽاٽا 22.42، مڇي 21، گوشت 20.82، ڀاڄيون 11.6، درسي ڪتاب 74، پيٽرول ڊيزل 63، گيس 62، اسٽيشنري 61، صابڻ، سرف ۽ ماچس 51.63، گاڏين جا پرزا 38 ۽ ٽرانسپورٽ ڀاڙا 33 سيڪڙو مهانگا ٿيا.