ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ هزارين رپين جو اضافو

0
823
ملڪ ۾ سون جي اگهھ
ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ هزارين رپين جو اضافو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولي قيمت ۾ اڄ به تيزي سان اضافو ٿيو آهي. سنڌ صرافه بازار جيولرز ايسوسيئيشن موجب 24 قيراط سون جي في تولي جي قيمت ۾ 3 هزار 300 رپيا واڌ ٿي وئي آهي. اگهه ۾ واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ سون جو في تولو اگهه  هڪ لک 29 هزار 100 رپيا ٿي ويو آهي. سون جي 10 گرام جي قيمت 2829رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 10 هزار 682 رپيا ٿي وئي.