ملڪ ۾ انصاف ڪلاشنڪوف ۽ گُليلين کان ڊنل آهي: مريم اورنگزيب

0
221
اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي:وفاقي سرڪار
اليڪشن ڪميشن ملڪ کي وڏي آئيني بحران کان بچائي ورتو آهي:وفاقي سرڪار

سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران خان رياستي رِٽ جا ڳڀا ڳڀا ڪري رهيو آهي، انصاف ۽ قانون جي پُراسرار خاموشي ملڪ لاءِ خطرو بڻجي رهي آهي

وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ملڪ ۾ انصاف ڪلاشنڪوف ۽ گُليلين کان ڊنل آهي، عمران خان جي دهشتگردي سبب سهولتڪاري ڪئي پئي وڃي، عمران خان کي رليف ڏئي انصاف جو قتل ڪيو ويو آهي

هن جو چوڻ هو ته لاڏلي کي رعايتون ڏئِـي قانون جي بالادستي قائم نٿي ڪري سگهجي، عمران خان اقتدار کسجڻ تي چري ٿي ويو آهي، هو سياسي دهشتگرد آهي ۽ سموري ملڪ کي نفرت جي باهه ۾ ڌڪِڻ جي ڪوشش پيو ڪري

مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته عمران خان جي زمان پارڪ واري گهر مان ڪلاشنڪوف، پيٽرول بم ۽ دهشتگرد هٿيڪا ڪيا ويا، ڇا ڪنهن سياستدان جو گهر ائين هوندو آهي

هي به پڙهندا

اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان دهشتگردي جو ڪيس داخل