ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي ) اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي ڊاڪٽر عشرت حسين چيو آهي ته بنگلاديش ۾ جيڪا به حڪومت هجي پر اتان جون پاليسيون تبديل نه ٿينديون آهن، بحران مان نڪرڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا. ڪالهه هتي هڪ تقريب کي خطاب  ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۽ سريلنڪا جي معاشي صورتحال ۾گھڻو فرق آهي، ڀارت 90ع واري ڏهاڪي ۾ نجڪاري جي شروعات ڪئي پر پاڪستان ۾ ائين نه ٿيو، هن چيو ته وفاق وٽ پگھارون ڏيڻ لاءِ به پئسا نه هوندا آهن، بحران مان نڪرڻ لاءِ  مفتاح اسماعيل جهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته حڪومت کي ڪاروبار نه ڪرڻ گھرجي، هن وڌيڪ چيو ته ڪاروباري ماڻهن کي ٽيڪس چوري جا سمورا طريقا اچن ٿا، مٿان وري  جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ اچن ٿا، سرڪار پاران انهن تي وڌيڪ ٽيڪسن جو بار وڌو وڃي ٿو. ايف بي آر جي اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ماڻهو چاهين ٿا ته پاڪستان ۾ ڪنهن حد تائين سچ ڳالهايو وڃي، سڀ ڄاڻين ٿا ته ڪراچي يونيورسٽي جو اڪنامڪ ڊپارٽمينٽ ڇا ڪري پيو؟  سنڌ ۾ مڪاني ادارن کي بااختيار نه پيو ڪيو وڃي،  هن چيو ته پاڪستان ۾ وزارتن جو تعداد 5 هجڻ گھرجي، 70 ع واري ڏهاڪي وانگر شفاف اليڪشن هجڻ گھرجن، هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا سان شامل ٿيڻو آهي ته پوري طريقي سان شامل ٿيڻ گھرجي، چين، سريلنڪا،، ترڪي سميت مختلف ملڪن سان  فري ٽريڊ ( ايف ٽي) ختم ڪرڻو پوندو، هن چيو ته جتي فوجي سربراهه  ۽ ججز جي  مقرري بحث جو موضوع بڻيل هجي، ملڪ ائين نه  هلي نٿو سگھي، هن چيو ته تمام گھڻو اڳ چئي چڪا آهيون ته ملڪ ڊفالٽ ( ڏيوالو) ڪري چڪو آهي، هن چيو ته هاڻي عمران خان به چوي ٿو ته ملڪ ڊفالٽ ڪري چڪو آهي، آئون  پڇان ٿو ته عمران خان صاحب! اُن وقت ڇو چوندا هئا ته ائين نه چئو؟ هن چيو ته قوم جي حيثيت ۾ سچ ڳالهائڻو پووندو، پاڪستان ۾ ڪاروبار نه پر رياست ۽ حڪومت ناڪام ٿي آهي، مسئلو آڊيو ليڪ نه پر نظام جو ليڪ ٿيڻ مسئلو آهي.