ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان لاءِ هلندڙ سال 2021 جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڏينهن، ڪورونا وگهي 114 ماڻهو فوت، 5 هزار نوان ڪيس ظاهر، لاهور جون سرڪاري اسپتالون مريضن سان ڀرجي ويون، پنجاب جي وڌيڪ متاثر علائقن ۾ پابنديون سخت ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. پاڪستان جي جاري ڪيل انگ اکرن موجب 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ مجموعي طور 114 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 5050 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، سرڪاري رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران مثبت ڪيسن جي شرح 10.96 سيڪڙو رهي، ملڪ ۾ فوتين جو مجموعي تعداد 15443 ۽ مريضن جو تعداد 7 لک 21 هزار 18 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ ڪورونا جا 376 نوان ڪيس ظاهر ٿيا ۽ هڪ مريض فوت ٿي ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جاري بيان ۾ ڪورونا صورتحال بابت ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9404 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 376 نوان ڪيس سامھون آيا آھن، جنهن بعد صوبي ۾ ڪورونا متاثرين جو مجموعي انگ 2 لک 69 هزار 125 ٿي ويو آهي، ھڪ مريض فوت ٿيڻ بعد فوتين جو گڏيل انگ 4530 ٿي ويو آهي، هن وقت ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 6791 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 6452 سندن گهرن اندر قرنطينا آهن، 12 آئيسوليشن سينٽرن ۾ آهن ۽ 337 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هلندڙ آهي، 310 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ 37 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. نون ڪيسن مان 206 ڪراچي، حيدرآباد ۾ 29، لاڙڪاڻي، سکر ۾ 14، عمر ڪوٽ ۾ 11، گھوٽڪيءَ ۾ 9، خيرپور ۽ قمبر ۾ 8-8، بدين، جيڪب آباد ۽ ٺٽي ۾ 7-7، ڄامشورو، مٽياري ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ 6-6، ميرپورخاص ۽ نوابشاھھ ۾ 5-5، دادو ۽ شڪارپور ۾ 4-4، ڪورنگي، ڪشمور، نوشھروفيروز، سجاول ۽ ٽنڊوالھيار ۾ 3-3 نوان ڪورونا وائرس جا ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. ٻئي طرف صحافي عاصمه شيرازي ۽ ڪرڪيٽ سان واڳيل ڊاڪٽر نعمان نياز به ڪورونا ۾ مبتلا. ٿي ويا آهن. عاصمه شيرازاي مڙس سميت گهر ۾ آئسوليٽ آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر نعمان اسپتال داخل آهي.