ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پاڪستان ۾ به قيمت وڌندي: فواد چوڌري

0
248
ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي
ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ پيٽرول مهانگو ٿيندو ته پاڪستان ۾ به قيمت وڌندي: فواد چوڌري

ڪراچي(م ڊ) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، دنيا ۾ تيل ۽ گيس جي قيتمن ۾ واڌ ٿيندي ته پاڪستان ۾ به قيمتون وڌنديون.

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ هن چيو آهي ته تيل جي قيمت ۾ اضافي کي وٺي اهڙي پروپيگنڊه ڪئي پئي وڃي ڄڻ ته اسان هن دنيا ۾ الڳ ڪنهن سياري ۾ رهون ٿا.

فواد چوڌري چيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ تيل ۽ گيس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ به قميتون مٿي وينديون، سڄو ملڪ سبسڊي تي نٿو هلي سگهي، اڄ قيمتون مٿي آهن ته سڀاڻي گهٽ به ٿي وينديون.

وفاقي وزير جو چوڻ هو ته هڪ قوم جيان گڏجي مشڪلاتن جو مقابلو ڪنداسين، معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته پگهار وارن کي مشڪلاتون آهن، پرائيويٽ سيڪٽر پنهنجي ورڪرز جون پگهارون وڌائن، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جي ٽوڙ آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 روپيا 44 پيسن تائين اضافو ڪيو هو ۽ اپوزيشن پاران حڪومت تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

ھي به پڙھندا

پيٽروليم شين جَي اگهن ۾ 12 رپيا 44 پئسا واڌ