اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن عمران خلاف القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پراپرٽي ٽائڪون ملڪ رياض جو نالو نه کڻڻ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اصل ڪردار ملڪ رياض کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ عمران خان تي اهو ڪيس ثابت نه ٿي سگهندو، ميمبرن اهو به چيو ته 9 مئي واقعي جي اصل ذميوارن کي وائکو ڪيو وڃي ۽ سزا ڏني وڃي تفصيل موجب ڪالھه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر راجا پرويز اشرف جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس پوڻا ٻه ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلوچستان مان چونڊيل آزاد ميمبر اسلم ڀوتاڻي چيو ته 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪيان ٿو،  جيئن آءِ ايس پي آر چيو تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي، اهو واقعو ڪنهن سنڌي بلوچ نه ڪيو پر ان ڪيو جنهن کي پروان چاڙهيو ويو پنجاهه سالن کان پوکيل ٻج کي هاڻي لڻڻو پئجي رهيو آھي،  هن چيو ته 9 مئي جي واقعي کي ايم آر ڊي ۾ سنڌ ۾ ٿيل ٽوڙهي ڦاٽڪ جي واقعي وانگر ياد رکيو يندو،  9 مئي کي  نواب اڪبر بگٽي  شهيد جي واقعي وانگر ياد رکيو ويندو،  9 مئي پاڻ سان گڏ ڪجهه سوال به کڻي آيو آهي، جيڪڏهن اهي واقعا بلوچستان يا سنڌ ۾ ٿين ها ته هزارين سينا گولين سان پروڻ ٿي چڪا هجن ها، هن چيوته مان بلوچستان ۽ سنڌ ۾ عام راءِ جي ترجماني ڪري رهيو آهيان، ننڍن صوبن ۾ احساس ٿي رهيو آهي ، هتي ٿوڪ جي حساب سان ضمانتون ڏنيون پيون وڃن، جيڪو صاحب اقتدار آهي اهو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزا ڏئي، پوري پاڪستان جو خون هڪ ئي آهي، هن چيو ته عسڪري قيادت پنهنجي گهرن کي ڇو نه بچائي سگهي؟ ان پويان سازش کي به سامهون آڻڻ گهرجي، 9 مئي ان جو اصل ڪردار ڪير آهي؟ ان طرف ڪو به نه ٿو وڃي، اسلم ڀوتاڻي چيو ته 190 ملين پائونڊ ملڪ رياض جا واپس ملڪ آيا ان جو ڪيس عمران خان تي داخل ٿيو آھي، هر شئي تي ڳالهه ٿي رهي آهي ملڪ رياض جي رشوت تي ڪو به نه ٿو ڳالهائي، صرف بزنس ٽائيڪون چيو پيو وڃي، نالو ڇو نه پيو ورتو وڃي؟  بزنس ٽائيڪون جو نالو ئي نه وٺڻو آھي  ته پارليامينٽ رشوت جي ڏي وٺ کي جائز قرار ڏئي ڇڏي، ڪور ڪمانڊر هائوس لاهور جناح هائوس جي نالي سان آهي ان جو احترام آهي، جناح هاوس جي رهواسي جي باري ۾سوشل ميڊيا چوي ٿي ته اهو خان صاحب جو پيروڪار آهي، آرمي چيف کي ان باري ۾ جاچ ڪرڻ گهرجي، 3 ڪلاڪ جناح هائوس سڙندو رهيو ان ۾ رهندڙ پنهنجو گهر نه بچائي سگهيو، جيڪو پنهنجو گهر نه بچائي سگهيو اهو ملڪ ڇا بچائيندو،جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته ڪارڪن ٻارن وانگر هوندا آهن، سڄي ڳالهه تربيت جي هوندي آهي، جيئن انهن کي سيکاريو ويندو، ڪارڪن ائين ئي ري ايڪٽ ڪندا، 9 مئي تي فوج جي ملڪيتن تي حملا ٿيا ته چيو ويو ته دهشتگرد گهڙي آيا آهن، جيڪڏهن دهشتگرد هئا ته نشاندهي ڪرايو، آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي جي مخالفت ڪريون ٿا هن چيو ته ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جو ميئر بڻجڻ ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن، ايم ڪيو ايم جي صلاح الدين چيو ته 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪيان ٿو، ملزم کي سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول ڏنو ٿو وڃي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي سزائون ڏنيون وڃن، جويريه ظفر چيو ته 9 مئي جي واقعن جي سخت مذمت ڪيان ٿي، هي عمران خان جي مائينڊسيٽ جو نتيجو آهي، مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن ان جو ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو  هن چيو ته ملڪ رياض جي نالي تي ٽي وي جو آواز ڇو بند ٿي وڃي ٿو، ملڪ رياض جو نالو وٺڻ جي اجازت ڇو نه آهي، وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو ته 9 مئي جي واقعن جي سازش ڪندڙ جيستائين بي نقاب نه ٿيندا ان وقت تائين 9 مئي جهڙا واقعا ٿيندا رهندا، اهڙي صورتحال ۾ آرمي ايڪٽ تحت ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، لاڏلي کي جيڪڏهن ڇڏيو ويو ته ان کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو، هن چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ماڻهو ملوث آهن جيڪي انهن ڪاررواين جا ماسٽر مائينڊ آهن، انهن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته نواز شريف کان معافي گهري وطن واپس آندو وڃي ته 2025ع کان پاڪستان ترقي جي طرف سفر شروع ڪري ڇڏيندو ۽ ملڪ خلاف عالمي سازشون ناڪام ٿينديون. قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ منجهند 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.