ملڪ دشمنيءَ جا الزام ۽ عمران خان

0
214
ملڪ دشمنيءَ جا الزام ۽ عمران خان

 اسان جو ملڪ پاڪستان سدائين ‘عالمي’ سازش جو محور رهيو آهي. سنڌين، بنگالين، بلوچن ۽ پشتونن جڏهن جڏهن به پنهنجا حق گهرڻ لاءِ ڪا وڏي ملڪ گير تحريڪ هلائي، تڏهن اسان ٻڌو ته پاڪستان جي خلاف هڪ وڏي ۽ منظم عالمي سازش ٿي رهي آهي يا هئي. رياستي مفادن وٽان ون يونٽ نافذ ٿيو، تنهن ۾ ڪا به عالمي سازش نه هئي، ايوب خان مارشل لا هڻي 10 سال ملڪ تي قبضو ڪري ويهي رهيو، ته ڪا به عالمي سازش نه هئي، يحييٰ خان ٽي سال ملڪ تي مارشل لا هڻي ويهي رهيو، ڪا به عالمي سازش نه هئي، جنرل ضياءُ الحق يارنهن سال مارشل لا هڻي ويهي رهيو ته ڪا به عالمي سازش نه هئي، جنرل مشرف 9 سال ملڪ ۾ مارشل لا هڻي ويهي رهيو، ڪا به عالمي سازش نه هئي. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ضياءُ الحق ۽ جنرل مشرف جي خلاف جيڪي به ملڪ گير تاريخي تحريڪون هليون، اهي سڀ ‘ملڪ دشمن’ تحريڪون هيون ۽ جن ليڊرن ۽ ڪارڪنن انهن تحريڪن ۾ حصو ورتو، اهي سڀ ‘ملڪ دشمن’ هئا ۽ آهن. ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف ۽ عمران خان جي حڪومتن خلاف جيڪي به تحريڪون هليون، اهي نج عوامي تحريڪون هيون ۽ عوام انهن جي خلاف اٿي بيٺو هو ۽ انهن مان پنهنجي جان ڇڏائي. مطلب ڪنهن آمر جي آمريت کي چئلينج ڪرڻ ملڪ دشمني آهي ۽ ڪنهن ڪمزور سول حڪومت جي خلاف ڪا مارچ يا ريلي نج عوامي ٿي. هن ملڪ جي ڪهڙي سياستدان تي ملڪ دشمني جو ٺپو نه لڳو آهي؟ فاطمه جناح، شيخ مجيب. حسين شهيد سهروردي، جي ايم سيد، حيدر بخش جتوئي، باچا خان، ولي خان، رسول بخش پليجو، عطاءُ الله مينگل، اڪبر بگٽي، خير بخش مري، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو، نواز شريف وغيره رياستي بيانئي مطابق ملڪ جا سڀ کان وڏا ‘دشمن’ هئا ۽ ‘دشمن ملڪن’ جا ايجنٽ هئا. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان، جنرل ٽڪا خان، جنرل نيازي، جنرل ضياءُ الحق، جنرل مشرف، جنرل شجاع پاشا، جنرل ظهير الاسلام، جنرل فيض حميد، جنرل حميد گل، جنرل اسلم بيگ، جنرل عمر، جنرل غلام جيلاني وغيره سڀ محب وطن ۽ سچا پاڪستاني. جنرل ايوب خان جي مارشل لا ۾ 1965ع جي جنگ لڳي، جنهن ۾ پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان پهتو. ايئر مارشل اصغر خان ته لکيو آهي ته اسان اها جنگ صرف جنگ بندي لاءِ وڙهي هئي، پر ڪنهن چيو ته جنرل ايوب خان ملڪ دشمن هو؟ نه. جنرل يحييٰ خان جي دور ۾ ملڪ ٻه ٽڪر ٿي ويو پر ڪنهن چيو ۽ لکيو ته جنرل يحييٰ خان ملڪ دشمن هو؟ جنرل ضياءُ الحق افغان جهاد جي آڙ ۾ 90 هزار کان وڌيڪ دنيا جا وڏا ويڙهاڪ ۽ دهشتگرد گڏ ڪري، پرڏيهي جنرلن ۽ سي آءِ اي جي آفيسرن ذريعي انهن کي ٽريننگ ڏني. جنهن جا کوڙ سارا تفصيل بريگيڊيئر (ر) سيد احمد ارشاد ترمذي پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ‘حساس اداري’ ۾ ڏنا آهن ۽ ان سان گڏ ٻين ڪيترن جنرلن پڻ ان موضوع تي تمام تفصيل سان لکيو آهي. سڄي ملڪ ۾ هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ ڪرپشن عام ٿي وئي. جنرل ضياءَ جي يارهن سالن ۾ ملڪ جي جيڪا تباهي ٿي ۽ ملڪ مٿان جيڪا قيامت گذري، پر جنرل ضياءَ کي ڪنهن به ملڪ دشمن يا دشمن ملڪن جو ايجنٽ چيو؟ جنرل مشرف جي دور ۾ ڪارگل جو واقعو ٿيو، جنهن جي نواز شريف جي سول حڪومت کي خبر به نه پئجي سگهي. جنرل مشرف نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا هڻي ويهي رهيو. نائين اليون ٿيو، آمريڪا جو اتحادي ٿي اربين ڊالر ورتا ۽ پاڻ ئي پنهنجي ڪتاب ‘ان دي لائين آف فائر’ اعتراف ڪيائين ته مون 350 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ افغاني پڪڙي آمريڪا کي ڏنا ۽ ان جي عيوض اربين ڊالر ورتا. بينظير ڀٽو ۽ نواب اڪبر بگٽي سرعام قتل ٿي ويا، 12 مئي تي ڪراچي ۾ 51 سياسي ڪارڪنن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو ۽ مشرف شام جو ٻانهون مٿي ڪري فخر سان چيو ته ان کي رياست جي طاقت چئبو آهي. مشرف جي وزير اعظم شوڪت عزيز ملڪي معيشت کي تباهيءَ طرف ڌڪي ڇڏيو، ڪنهن اٿي چيو ته جنرل مشرف ملڪ دشمن آهي يا دشمن ملڪن جو ايجنٽ آهي؟ پر ذوالفقار علي ڀٽو جيڪو ڦاهي چڙهي ويو، اهو ‘ملڪ دشمن’ هو. شهيد فاضل راهو، شهيد نذير عباسي ‘ملڪ دشمن’ هئا، بينظير سرِ عام روڊ تي مارجي وئي، اها ‘ملڪ دشمن’ هئي. جي ايم سيد، رسول بخش پليجو، غوث بخش بزنجو، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شيخ اياز، بلوچ ۽ پشتون قومپرست ۽ ترقي پسند اڳواڻ جيڪي سالن تائين جيلن ۾ قيد رهيا، اهي سڀ ‘ملڪ دشمن’ ۽ دشمن ملڪن جا ايجنٽ هئا. خود نواز شريف ٽي دفعا وزارت عظميٰ تان هٽائڻ سان گڏ قيد ڪاٽڻ ۽ وري جلاوطن ٿيڻ تائين گهڻو ڪجهه ڀوڳيو، هن کي به ‘ملڪ دشمن’ جو ايجنٽ جو لقب مليو ۽ ايتري قدر جو 2017ع کان وٺي 2022ع تائين نواز شريف ۽ نواز ليگ ‘ملڪ دشمن’ سمجهيا ويندا هئا. هاڻي خيرن سان 9 اپريل 2022ع کان عمران خان ۽ تحريڪ انصاف ‘ملڪ دشمن’ ۽ دشمن ملڪن جا ايجنٽ ٿي ويا آهن.

جيئن ته پاڪستان سرد جنگ ۾ آمريڪي سامراج جو هڪڙو اهم اتحادي رهيو آهي ۽ تنهن کانپوءِ جيڪو نائين اليون ٿيو، ان کان وٺي 2 مئي 2011ع تائين اسامه بن لادن جو پاڪستان جي حدن ۾ آمريڪا جي هٿان مارجڻ تائين پاڪستان ان جو اهم اتحادي رهيو. ان سڄي عرصي يعني 64 سالن تائين پاڪستان ۾ جن به سياسي اڳواڻن، دانشورن ۽ سماجي اڳواڻن آمريڪا جي مخالف ڪئي يا ان تي سخت تنقيد ڪئي ته اهي هر دور ۾ رياستي عتاب هيٺ رهيا، جنهن ۾ سوين هزارين ته مارجي ويا. اسامه بن لادن جي مارجڻ کانپوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات تمام گهڻا خراب ٿي ويا ۽ ڇڪتاڻ گهڻي وڌي ويئي، جنهن جي ڪري پاڪستان مان افغانستان ڏانهن 8 مهينا نيٽو سپلائي بند رهي. پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات ڇو ۽ ڪيئن خراب ٿيا، تنهن جا تمام گهڻا تفصيل آهن، پر ان ۾ ڪجهه مکيه نقطا هي آهن:

سڀ کان پهرين ته 2008ع جو عالمي معاشي بحران هو، جنهن آمريڪا کي لوڏي ڇڏيو. کوڙ ساريون آمريڪي بئنڪون ۽ ٻيا ادارا سخت متاثر ٿيا. ٻيو آمريڪا جا وڏا يورپي اتحادي برطانيا، فرانس، جرمني ۽ ٻيا ملڪ سخت معاشي بحران ۾ هليا ويا. برطانيا اهڙي بحران مان نڪرڻ لاءِ 2016ع ۾ يورپي يونين مان نڪري ويو ۽ اڃان تائين سخت معاشي بحران کي مُنهن ڏئي رهيو آهي. هن وقت آمريڪا جي معاشي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ آمريڪا تي 25 هزار ارب ڊالرز قرض آهي. 8.4 سيڪڙو بيروزگاري آهي. آمريڪا جا سعودي عرب سميت وچ اوڀر ۾ جيڪي اتحادي آهن، اهي ڏينهون ڏينهن آمريڪا کان پنهنجا رستا الڳ ڪندا پيا وڃن. روس ۽ چين هر روز وڌيڪ طاقتور ٿيندا پيا اچن. آمريڪا جا هاڻي پاڪستان ۾ ان نوعيت جا مفاد نه رهيا آهن، جيڪي سرد جنگ دوران ۽ ان کانپوءِ نائن اليون کان 2011ع تائين هئا. جنهن جي ڪري آمريڪا کي افغانستان مان پڻ نڪرڻو پيو ۽ آمريڪا جي پوري ڪوشش آهي ته ايشيا پئسيفڪ ۾ چين کي روڪي. جنهن لاءِ هو اتي پنهنجا اتحادي گڏ پيو ڪري ۽ چين به اتي پنهنجي دفاع ۾ اتحاد ۽ وڏا تاريخي معاهدا ڪري رهيو آهي. سعودي عرب ته ايران ۽ شام سان پڻ ٺهي ويو آهي ۽ يمن جي جنگ ڄڻ ته ختم ٿي وئي آهي.

عمران خان جي وزارت عظميٰ دوران سي پيڪ تي ڪم صفا سست رفتاري سان جاري رهيو. جنهن جو سبب عمران خان گهٽ پر رياستي ادارا وڌيڪ هئا. ڇو ته اسان جا ادارا روڪڙ تي هريل آهن ۽ انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته ڊالر اچن. هن وقت به پاڪستان جي رياست ۽ ان جا ادارا چاهين ٿا ته آمريڪا ۽ ڪي ٻيا يورپي ملڪ پاڪستان کي ڊالر ڏين ۽ پاڪستان چين جي ڪئمپ مان نڪرڻ ۾ دير ئي نه ڪندو. پر هن وقت چين کي روڪڻ لاءِ پاڪستان ڪو مضبوط هنڌ ناهي، تنهن ڪري آمريڪا ۽ يورپي ملڪ پاڪستان تي ڇو پنهنجا ڊالرز ضايع ڪندا.

عمران خان جي گرفتاري ۽ ان کانپوءِ سندس پارٽي تي جيڪو ڪريڪ ڊائون ٿيو آهي، تنهن تي آمريڪا جي 66 سينيٽرن آمريڪي پرڏيهي سيڪريٽري کي خط لکيو آهي. جن سينيٽرن خط لکيا آهن، انهن مان گهڻا اسرائيل ۽ ڀارت جا حمايتي ۽ چين جا سخت مخالف آهن. مطلب انهن جا لکيل خط ثابت ڪن ٿا ته عمران خان ۽ تحريڪ انصاف آمريڪا جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهيا آهن. سڀ کان پهرين ڳالهه ته گذريل 13 مهينن مان 11 مهينا عمران خان پنهنجي حڪومت ڪيرائڻ جو الزام آمريڪا تي هڻندو رهيو ۽ اهو خط به جلسي ۾ ڏيکاريائين، جنهن ۾ هن جي چوڻ مطابق کيس ڌمڪي ملي هئي، پر هاڻي اوچتو ئي اوچتو اهو عمران خان آمريڪا جو ‘ايجنٽ’ ٿي ويو آهي. چيو پيو وڃي ته جنهن لحاظ کان آمريڪي سينيٽرن خط لکيو آهي، تنهن مان ثابت ٿيو ته هُو آمريڪي ‘ايجنٽ’ آهي. يعني عمران خان پنهنجي وزارت عظميٰ دوران پوڻا چار سال آمريڪا جو ايجنٽ نه ٿيو ۽ هاڻي مخالف ڌر ۾ ايجنٽ ٿي ويو!؟

9 مئي تي جنهن قسم جي عمران خان جي گرفتاري تي ردعمل آيو ۽ اهڙي ئي قسم جو ساڳيو ردعمل آمريڪا، برطانيا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران آيو هو، جيڪو عمران خان جي عالمي مقبوليت جي ڪري متوقع هو. اوهان کي ياد هوندو ته اهڙي قسم جا مظاهرا ۽ جلسا نواز شريف کي نا اهل ڪرڻ وقت هن جي حمايت ۾ پڻ ٿيا هئا، پر عمران خان کي جنهن لحاظ کان رياستي ادارن ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر پذيرائي ڏياري هئي، تنهن ڪري هن جي حمايت ۾ گهڻا مظاهرا ٿيا. هن وقت به تقريبن 13 لک پاڪستاني آمريڪا ۾ رهن ٿا، جن مان اڪثريت عمران خان کي پسند ڪري ٿي. جڏهن 9 مئي تي عمران خان کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ان کانپوءِ جيڪا ڀڃ ڊاهه ٿي، تنهن جي ردعمل ۾ تحريڪ انصاف تي هڪڙو ڪريڪ ڊائون شروع ٿيو آهي، جيڪو اڃا تائين جاري آهي. جنهن ۾ هن وقت تائين تقريبن 10 هزار کان وڌيڪ هن جا ڪارڪن گرفتار ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترا اڳواڻ پارٽي ڇڏي ويا آهن. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن تي تشدد جون خبرون عام آهن. هاڻي ظاهر جنهن پارٽي ۾ وڏي حد تائين امير طبقي جا ماڻهو شامل هجن ۽ انهن جا ڪيترا رشتيدار ملڪ کان ٻاهر رهندا هجن ۽ تقريبن هن وقت به 90 لک کان وڌيڪ پاڪستاني پوري دنيا ۾ رهن ٿا. ڪريڪ ڊائون جي نتيجي ۾ انهن ماڻهن انساني، سياسي ۽ بنيادي حقن جي لتاڙ جي حوالي سان پنهنجا تعلقات استعمال ڪيا آهن، ڇو ته پاڪستان دنيا سان واعدو ڪري چڪو آهي ته ملڪ ۾ انساني حقن جي خلاف ورزي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندو ۽ هونئن به انساني، سياسي ۽ بنيادي حقن جي حوالي سان پاڪستان جو ڪو سٺو رڪارڊ ناهي، جنهن کان دنيا واقف آهي ۽ ان ڏس ۾ پاڪستان کي کوڙ ساري امداد پڻ ملي ٿي. هاڻي جي اهي مائٽ وڃي انهن سينيٽرن سان مليا ۽ پنهنجا لڳ لاڳاپا استعمال ڪيا ته ائين سياسي ڪارڪنن سان ظلم ٿي رهيو آهي، ڇا اها ڪا ملڪ دشمني ٿي پئي؟ چيو وڃي ٿو ته جن سينيٽرن خط لکيا آهن، انهن مان گهڻا اسرائيل ۽ ڀارت جا حمايتي ۽ چين جا سخت مخالف آهن ۽ گهڻا يهودي آهن. ڇا جڏهن پاڪستان آمريڪي سامراج جو اتحادي هو، تڏهن اهي سڀ سينٽر اسرائيل ۽ ڀارت جا حمايتي ۽ چين مخالف نه هئا؟ ڇا انهن مان گهڻائي تنهن وقت به يهودي نه هئي؟ تنهن ڪري انهن ڳالهين کي بنياد بڻائي پاڪستان جي خلاف ڪا وڏي سازش قرار ڏيڻ هڪ سازشي ٿيوري ضرور ٿي سگهي ٿي، پر ان جو حقيقت سان ڪو تعلق جڙي نٿو ۽ ٻيو عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي پاليسين ۽ حڪمت عملين سان ڪيترا ۽ سخت اختلاف ڪري سگهجن ٿا، پر انهن کي ملڪ دشمن چوڻ يا دشمن ملڪن جو ايجنٽ سڏڻ درست ناهي، ڇو ته ملڪ جي پنجهتر سالن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙا ڊراما اڳ به ٿيندا رهيا آهن ۽ هاڻي به ائين ٿي رهيو آهي!