اسلام آباد: ملڪ جَي سمورن تعليمي ادارن ۾ رٿيل امتحان 15 جُون تائين ملتوي ڪيا ويا آهن. تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته، 15 جُون تائين ڪنهن به قسم جا امتحان نه ٿيندا، او ليول جا امتحان آڪٽوبر ۾ ٿيندا، جن ٻارن جو تعليمي سال ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي، اُنهن لاءِ خصوصي امتحان جو فيصلو ٿيو آهي، خصوصي امتحان ۾ به امتحاني ڪمري ۾ 50 کان گهٽ ٻارن کي ويهاريو ويندو، مئي جَي ٽئين هفتي ۾ ٻيهر صورتحال جو جائزو ورتو ويندو. تعليم واري وزير شفقت محمود چيو ته نائين ، ڏهين ، يارهين ۽ ٻارهين جا امتحان جولاءِ ۽ آگسٽ تائين ٿي سگهن ٿا ۽ يونيورسٽين ۾ داخلائون جنوري تائين جاري رهنديون.