اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامنٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ( پي اي سي ) اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ جي ڪنهن به وزارت ۾ آڊيٽر مقرر ناهي، چاليهه وزارتن مان رڳو 16 ۾ چيف فنانشل آفيسر موجود آهن. اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين بريفنگ ڏني. بريفنگ ۾ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته ملڪ ڪنهن به وزارت ۾ آڊيٽر مقرر نه آهي، چاليهه وزارتن مان رڳو 16 ۾ چيف فنانشل آفيسر موجود آهن. پي اي سي آڊيٽرز جي فوري مقرري، سمورن وزارتن ۽ کاتن ۾ انٽرنل آڊٽ سميت سمورا رڪارڊ آڊيٽر جنرل کي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.