ملڪ جي اعليٰ قيادت سي پيڪ جا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي:عاصم باجوه

0
263

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ملڪ 40 سال دهشتگردي جي ور چڙهيل رهيو، دهشتگردي ۾ بنيادي ڍانچو متاثر ۽ جاني نقصان ٿيو، 40 سال جنگ وڙهڻ بعد پنهنجي پيرن تي اڳتي وڌڻ جو عزم آهي، ڪراچي ۾ واپارين جي تقريب کي خطاب ڪندي ھن چيو تھ ملڪ جي اعليٰ قيادت سي پيڪ جا منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، سي پيڪ جي پهرئين مرحلي جا منصوبا مڪمل ٿي ويا، گوادر فري زون ۾ هڪ هزار ايڪڙن تي اڪنامڪ سيڪٽر ٺهڻ وڃي رهيو آهي، اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ ڪيترن ئي ماڻهن دلچسپي ظاهر ڪئي، موٽرويز ٺهڻ سان پشاور ۽ ڪراچي وچ ۾ سفر گهٽجي ويندو، خواهش آهي ته چين سان ناروڊ نيٽ ورڪ ۽ واپار ۾ اضافو ٿئي، چين آءِ ٽي جي شعبي ۾ به پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ گهري ٿو.