ملڪ جي آئين کي مذاق نه بڻايو

0
130
اربنائيزيشن جو اجگر ۽ وجود وڃائيندڙ ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ

اليڪشن ڪميشن اهو چيو آهي ته هو مجاز اٿارٽي پاران تاريخ ڏيڻ بعد چونڊون ڪرائڻ لاءِ پابند آهي پر ان سلسلي ۾ وڌيڪ آئيني ماهرن سان مشاورت ڪرڻ بعد چونڊن جو شيڊول جاري ڪندو، جيتوڻيڪ اليڪشن ڪميشن جو اهو بيان مبهم آهي ۽ سوال پيدا ڪري رهيو آهي ته ڇا اليڪشن آئيني ماهرن سان مشاورت ڪرڻ بعد ان نتيجي تي پهچندو ته کيس وقت تي چونڊون ڪرائڻيون آهن يا وري ڪو عذر يا بهانو ڄاڻاي ويندو؟ ڇاڪاڻ ته صدر مملڪت جناب عارف علوي پاران پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه صوبن ۾ صوبائي اليڪشن لاءِ 9 اپريل جي تاريخ ڏني آهي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن جيڪو اجلاس طلب ڪيو اهو نتيجاخيز نه رهيو ۽ اليڪشن ڪميشن کي مبهم جواب ڏيئڻو پيو،  پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجون 2 حڪومتون ختم ڪيون جنهن بعد اهو امڪان ظاهر ڪيو پئي ويو ته ٻنهي صوبن ۾ عام چونڊون وقت تي نه ٿينديون ڇاڪاڻ ته وفاق ۾ موجود پي ڊي ايم ۽ ٻين پارٽين جي گڏيل حڪومت جو اهو خيال آهي ته هن وقت ملڪ ۾ مهانگائي جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ سندس ڪاميابي جو امڪان گهٽ آهي ۽ جيڪڏهن وقت تي چونڊون ڪرايون ويون ته پوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو وري ڪامياب ٿي ويندي ۽ ٻنهي صوبن ۾ سندس حڪومت ٺهڻ جي نتيجي ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ کيس ڏکيائي پيش اچي سگهي ٿي انڪري وفاقي حڪومت پهرين ڏينهن کان اها ڪوشش ڪري رهي آهي ته ڪنهن به صورت صوبن توڙي وفاق ۾ چونڊون ان وقت ڪرايون وڃن جڏهن ملڪ معاشي بحران مان ڪنهن حد تائين ٻاهر نڪري ۽ عوام کي ڪجهه رليف ملي ته جيئن سندس حڪومت لاءِ چونڊن ۾ وڃڻ آسان ٿئي. آئين تحت جيڪڏهن ڪنهن به صوبي جي اسيمبلي ٽٽي وڃي ٿي ان صوبي ۾ سيڪشن 57-2 تحت 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، هن وقت جڏهن ٻن صوبن ۾ اسيمبليون موجود ناهن ته آئين تحت انهن صوبن ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي پر ان سلسلي ۾ نه اليڪشن ڪميشن سنجيدا نظر اچي رهي آهي نه ئي وفاقي حڪومت. جيتوڻيڪ صوبن ۾ اليڪشن ڪرائڻ جي ذميواري گورنرن ۽ اليڪشن ڪميشن جي آهي ان جي باوجود ٻنهي صوبن جي گورنرن هٿ مٿي کڻي ڇڏيا آهن ۽ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان چونڊن واري معاملي کي اينگهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جنهن سان ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ٿي رهيو آهي.

 صدر عارف علوي پاران ٻنهي صوبن ۾ چونڊون ڪرائڻ جي تاريخ ته ڏني وئي آهي پر ڇا صدر پنهنجي ان حڪم جي پيروي ڪرائڻ لاءِ ڪهڙو سهارو وٺي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته اليڪشن لاءِ گهربل رقم وفاقي حڪومت کي ڏيئڻي آهي جيڪا اڳ۾ ئي چئي رهي آهي ته هن وقت سنگين معاشي بحران آهي ان صورتحال ۾ ملڪ چونڊن جو بار نٿو کڻي سگهي، وفاقي حومت پاران اليڪشن ڪميشن جي چونڊن ڪرائڻ لاءِ گهربل فنڊز ڏيڻ کان به لنوائي رهي آهي جنهن جو مثال تازو ئي اليڪشن ڪميشن پاران اماڻيل خط جو جواب آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت واضح چئي ڇڏيو آهي ته اها اليڪشن ڪميشن کي واڌو فنڊز نٿي ڏئي سگهي انڪري اليڪشن ڪميشن فنڊز جي رقم ۾ ڪٽوتي ڪري، ان کان اڳ پاڪ فوج پاران پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي سرحدن تي ڪشيدگي واري صورتحال ۽ ملڪ اندر دهشتگردي جي وڌندڙ ڪارروائين سبب سيڪيورٽي فورسز انهن کي منهن ڏيڻ ۾ مصروف آهي انڪري پاڪ فوج ۽ رينجرز جا جوان توڙي ايف سي جون خدمتون ضمني توڙي عام چونڊن لاءِ دستايب نه هونديون جڏهن ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پاران به هڪ پڌرائي جاري ڪندي چيو ويو آهي ته سندس ڪوبه جج يا ٻيو عملو چونڊن ۾ ڊيوٽي لاءِ نه ڏنو ويندو اهڙي صورتحال ۾ ڇا پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ صوبائي چونڊون پنهنجي مقرر وقت تي ٿي سگهن ٿيون ممڪن نظر نٿو اچي.

      پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ جيڪڏهن آئين تحت 90 ڏينهن اندر چونڊون نٿيون ٿين ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير هوندو؟ اليڪشن ڪميشن توڙي ٻنهي صوبن جي گورنرن جي اها ذميواري آهي ته اهي پنهنجون پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪن ۽ هر صورت ۾ ٻنهي صوبن اندر وقت تي چونڊون ڪرائين ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن چونڊون نه ڪرايون ويون ته پوءِ اها آئين جي سخت ڀڃڪڙي هوندي انڪري آئين کي مذاق بڻائڻ بدران ان تي عمل ڪيو وڃي.