اسلام آباد: نئين ڊجيٽل آدمشماري ڪرائڻ لاءِ ملڪ اندر 495 سينسز ڊسٽرڪٽس، 3405 سينسز چارجز، 21 هزار 211 سينسز سرڪلز  ۽ 1 لک 85 هزار 509 سينسز بلاڪ قائم ڪيا ويا آھن پنهنجي اخبار وٽ موجود آدمشماري ڪرائيندڙ اداري شماريات بيورو جي دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ملڪ اندر جوڙيل 495 سينسز ڊسٽرڪٽس ۾ ڪي پي ڪي ۾ 123 ، پنجاب ۾ 167، سنڌ ۾ 146، بلوچستان ۾ 38 ، اسلام آباد ۾ هڪ ، آزاد ڪشمير ۽ گلگت ۾ 10-10 سينسز ڊسٽرڪٽس قائم ڪيا ويا آھن، ملڪ اندر ڪل 3405 سينسز چارجز قائم ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪي پي ڪي ۾ 410 ، پنجاب ۾ 1605، سنڌ ۾ 930، بلوچستان ۾ 305، اسلام آباد ۾ 15،آزاد ڪشمير ۾ 102 ۽ گلگت ۾ 38 سينسز چارجز قائم ڪيل شامل آھن، اهڙي ريت ڪل 21 هزار 211 سينسز سرڪلز قائم ڪيا ويا آھن، ڪي پي ڪي ۾ 2782، پنجاب ۾ 11703، سنڌ ۾ 5140 ،  بلوچستان 855 ، اسلام آباد 110، آزاد ڪشمير 468 ، گلگت 153 سينسز سرڪلز قائم ڪيا ويا آھن جڏهن ته ملڪ اندر ڪل 1 لک 85 هزار 509 سينسز بلاڪ قائم ڪيا ويا آھن جن ۾ ڪي پي ڪي ۾ 28 هزار 868 ، پنجاب 93 هزار، 746، سنڌ ۾ 43 هزار 838، بلوچستان 11 هزار 857 ، اسلام آباد 1737 ، آزاد ڪشمير ۾ 4124 ۽ گلگت ۾ 1339 قائم ڪيل سينسز بلاڪ شامل آھن.