اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي اڳواڻ ملڪ احمد خان کي وزيراعظم شهباز شريف جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي. وفاقي حڪومت طارفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته وزير اعظم ملڪ احمد خان جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. انکانسواءِ ربينا عرفان کي پڻ وزيراعظم شهباز جو خاص مددگار مقرر ڪيو ويو آهي.