ملڪي معيشت جي ترقي ۽ ماڻهن جي جياپي جو سوال!

0
226

اها ڏيڍ سال کن اڳ جي ڳالھه آهي جڏهن ڪورونا نالي هڪ نئين وبا دنيا ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو تعارف ڪرائي چين جي شهر ووهان ۾ اچي پنهنجا پير کوڙيا. ان وقت ان وبا کي دنيا ايترو هاڃيڪار ۽ هيبتناڪ ڪونه پئي سمجهيو، Covid 19 جي نالي سان انهيءَ وبا جي تعارف کان پوءِ ترت ئي مختلف ماڻهن جا مختلف رايا ۽ خيال سامهون ايندا رهيا. وبا جي اوائلي ڏينهن ۾  ڪيترن ئي ماڻهن توڙي سماجي ماهرن جو اهو پڻ چوڻ هو ته هيء ڪا وبائي بيماري نه پر سامراجي دنيا جي ڪا گهري سازش آهي.  ڪووڊ 19 جي پهرين شديد لهر چين ۾ آئي پر ان وقت جڏهن ڪووڊ 19  کي چڱا ڀلا ماڻهو سامراجي دنيا جي هڪ سوچيل سمجهيل سازش ۽ ڊرامو چئي رهيا هئا عين ان وقت چين جي سرڪار دنيا کي ڏندين آڱريون ڏيڻ جهڙا قدم کڻي پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
ووهان سميت وبا جي اثر هيٺ آيل شهرن کي چيني حڪومت اهڙو ته ڪڙو چاڙهي ڇڏيو جو انسان ته ڇا پر جانورن جي چرپر به رڪجي وئي. هر شيءَ پنڊ پهڻ ٿي وئي. شهر ۾ ٻاهريون ماڻهو نه داخل ٿي پئي سگهيو نه ئي ان شهر جو ڪو ماڻهو چين جي ڪنهن ٻئي شهر وڃي پئي سگهيو.چين بروقت انتظامن، سختي ۽ مختلف شهرن ۾ ڪرفيو هڻي صورتحال جي سنگينيءَ تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ڪيو ۽ دنيا جي وڏي آبادي هئڻ باوجود هنن پنهنجي عوام کي بچائڻ لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا اهي ڪمال جا هئا، چين پاران جيڪي اپاءَ ورتا ويا انهن ۾ پهرين ته مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ جتي وڌيڪ ڪورونا جو خطرو هو ان شهر ۾ مڪمل ڪرفيو لڳايو ويو. ايئرپورٽ بند ڪيا ويا، هڪ شهر کان ٻئي شهر جي اچ وڃ تي به مڪمل بندش لڳائي وئي ۽ حيرتناڪ حد تائين ۽ معجزاتي انداز ۾ مختصر وقت اندر اسپتالن ۽ ٻين هنڌن تي آئيسوليشن وارڊ قائم ڪيا ويا. ان کان پوءِ ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪرڻ لاءِ فوج ۽ پوليس ذريعي سختي ڪرائي وئي. اهو ئي نه پر شروعاتي ڏينهن ۾ ڪورونا سان جنگ جوٽيندي ئي هن وبا کان ڇوٽڪاري لاءِ ويڪسين جي تياري جي پڻ شروعات ڪئي وئي. اهڙي ريت هڪ ئي وقت ۾ هڪ طرف چيني ڊاڪٽر ۽ ڊاڪٽرياڻيون ڪورونا جي حملي وقت وبا سان جنگ ڪري رهيا هئا ته ساڳئي وقت چيني سائنسدان وري هن بيماري کان ڇوٽڪاري لاءِ ويڪسين تيار ڪرڻ ۾ به جنبي ويا، اهوئي سبب آهي ته اڄ اسانجي ملڪ جا ماڻهو چين طرفان موڪليل اڳواٽ بچاءَ جون سيون پنهنجي ڪلهن ۾ هڻائي رهيا آهن. وبا جي ويجهي ماضي جي تاريخ جا پيرا کڻون ته معلوم ٿيندو ته چين مان اها بيماري ايران طرف پهتي، اهڙي ريت ڪورونا وبا طرفان چين جي لکين ماڻهن کي متاثر ڪرڻ بعد ايران جو وارو آيو پر ايران به پنهنجي وسيلن آهر  ڪوشش ڪري وبا سان جنگ ته ڪئي پر ان جنگ دوران کين پنهنجي هزارين ماڻهن جي جانين جو نذرانو ڏيڻو پيو، اهڙي صورتحال کان پوءِ  ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن خبردار ڪيو ته هن وبا کي معمولي نه سمجهيو وڃي ڇو ته هيءَ وبا سموري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندي، ليڪن ڪافي ملڪن جي بدبخت حڪمرانن ان کي سنجيدگيءَ سان ڪونه ورتو، نتيجي ۾ جيڪي ملڪ وڌيڪ متاثر ٿيا يا ٿي رهيا آهن، انهن ۾ اٽلي، اسپين، آمريڪا، فرانس، برازيل، هندستان ۽ پاڪستان شامل آهن، جن جي غير سنجيدگي جا اثر پاڪستان ۾ ڪورونا جي ٽين لهر جي شڪل ۾ ظاهر ٿيا آهن.  هندستان ۽ آمريڪا ۾ پهريائين ئي لکين ماڻهو بيمار ٿي چڪا آهن ۽ هزارين ماڻهو موت جي ور چڙهي چڪا آهن.
وري پاڪستان تي نظر ڊوڙائبي ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾  سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ اثر انداز به ٿيو ۽ ڪورونا جي روڪٿام لاءِ اثرائتا قدم کڻندي به نظر آيو. سنڌ وفاقي حڪومت جي سخت مخالفت جي باوجود ڪورونا لاڪ ڊائون ڪري ٻاهران ايندڙ خاص طور اهي زائرين جيڪي ايران مان اچي رهيا هئا انهن جي مڪمل طرح ايئرپورٽ تي چڪاس ڪرڻ جي گهر ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته ايئرپورٽ بند ڪيو وڃي ليڪن وزيراعظم پاڪستاني سنڌ حڪومت جي کنيل قدمن جي سخت مخالفت ڪندي ۽ ايئرپورٽ بند ڪرڻ جي اجازت ايسيتائين ڪونه ڏني جيسيتائين سموري دنيا پنهنجون اڏامون پاڪستان لاءِ بند نه ڪيون. سنڌ حڪومت جي بروقت انتظامن ۽ سنجيده سختي جي ڪري صوبائي سرڪار کي ڪافي طرفن کان تنقيد جو نشانو به بڻايو ويو، مرڪزي حڪومت هر روز ڪو نه ڪو بيان جاري ڪندي رهي ۽ هاءِ گهوڙا ڪندي رهي ته ملڪ جي معيشت تباھه ٿي رهي آهي، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون ڪري ملڪ جي معيشت سان کيڏي رهي آهي. ٻئي طرف عالم سڳورا مسجدن ۾ وڃڻ تي پابندين خلاف ٿي بيٺا، صنعتڪار وري فيڪٽرين جو ڦيٿو جام ٿيڻ تي سنڌ حڪومت جي خلاف ٿي بيٺا، ٽرانسپورٽرن به احتجاج شروع ڪيو، مارڪيٽ ڪميٽي ۽ تاجر يونين وارن الڳ الڳ احتجاج ڪيا ليڪن سنڌ حڪومت اهي سڀ مخالفتون برداشت ڪيون ۽ غير مقبول فيصلو ڪري ڪنهن حد تائين ان تي عمل به ڪرائي ڌيکاريو جنهن جو فائدو چئني صوبن کي ٿيو. ايران مان ايندڙ زائرين جي لاءِ سنڌ حڪومت ايران تافتان بارڊر جيڪو ڪوئيٽا جي ويجهو آهي ايران مان ايندڙ سڀني زائرين کي اتان ئي پنهنجي تحويل ۾ ورتو ۽ سکر ۾ ليبر کاتي جي ٺاهيل  فليٽن ۾ انهن کي آئيسوليٽ ڪيو، اهڙي طرح سخت انتظامن جي ڪري سنڌ ان وقت ڪافي حد تائين ڪورونا جي مريضن کي ڪنٽرول ۾ رکيو جنهن جو نتيجو ۽ اثر هن ٽين خطرناڪ لهر ۾ ڏسي سگهجي ٿو جو هن وقت سنڌ سموري ملڪ کان گهٽ شرح ۾ آهي.
هاڻ سنڌ حڪومت مرڪز کي بار بار گذارش ڪري رهي آهي ته بين الصوبائي آمدرفت تي سموري ملڪ ۾ پابندي هنئي وڃي، سموري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪي پي ۽ پنجاب ۾ صورتحال خطرناڪ حد تائين خراب ٿي چڪي آهي پر  مت ماريل حڪمرانن کي ڪير سمجهائي ته معيشت جي خرابي ايتري اهم ناهي هوندي جيتري زندگي اهم هوندي آهي. جيڪڏهن زندگي ئي خطري ۾ هجي ته معيشت ڇا قبرن کي ترقي ڏياريندي؟ اها ٻي ڳالهه آهي ته صنعتي ترقي لاءِ پريشاني ظاهر ڪندڙ هيءَ حڪومت هڪ اسٽيل مل جهڙو اهم صنعتي يونٽ به مڪمل بند رکيو ويٺي آهي، عمران خان جي ٽن سالن جي دور اقتدار ۾ اسٽيل مل کي شروع ڪرڻ يا هلائڻ لاءِ سنجيدگيءَ سان عمل نه ڪيو ويو. 
هن وقت جڏهن پاڙيسري ملڪ ۾ ڪورونا جي ڪري وڏي تعداد ۾ ماڻهو فقط انڪري مري رهيا آهن جو ماڻهن کي آڪسيجن ميسر نه آهي، ڇاڪاڻ ته انڊيا ۾  آڪسيجن جي ضرورت وڌيڪ ۽ پيداوار گهٽ آهي، اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڀارتي عدالت حڪم ڏنو آهي ته جيڪو واپاري يا صنعتڪار آڪسيجن فراهمي ۾ رڪاوٽ وجهي ان کي موت جي سزا ڏني وڃي، اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان ۾ آڪسيجن جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ حڪومت کي ڪهڙا اپاءَ وٺڻ گهرجن؟ ملڪ جي صنعتي ۽ پيداواري شعبي جي ماهرن خطرناڪ خبر ڏني آهي ته هن وبا جي ڪري آڪسيجن جي پيداوار جو 90 سيڪڙو هر روز استعمال ڪيو ٿو وڃي جنهن ڪري ملڪ ۾ آڪسيجن جي پيداوار گهٽ هجڻ سبب ڪورونا جي صورتحال سنگين ٿيڻ جي صورت ۾ شديد کوٽ ٿي پوندي ۽ وڏو جاني نقصان ٿي سگهي ٿو، بلڪل ايئن جيئن هن وقت پاڙيسري ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ آڪسيجن جو اسٽاڪ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته آڪسيجن جي رسد صنعتي شعبي کي نه ڏني وڃي، ايئن ڪرڻ سان ايندڙ امڪاني خطرناڪ صورتحال ۾ ملڪ ان لائق هوندو ته گهٽ ۾ گھٽ آڪسيجن نه هئڻ ڪري جاني نقصان کي گهٽائي سگهبو. پاڪستان جي اسٽيل مل جو آڪسيجن يونٽ  ڪافي عرصي کان ان ڪري بند پيو آهي جو اسٽيل مل جا پيداواري يونٽ بند آهن، جيڪڏهن سموري اسٽيل مل نه به هلائي وڃي ڇاڪاڻ ته ھن وقت سرڪار وٽ پئسو نه آھي ليڪن صرف آڪسيجن ٺاهڻ وارو صرف ھڪ يونٽ به شروع ٿي ويندو جنھن لاءِ ڪا گهڻي ر قم گھربل ڪونه آهي،آڪسيجن واري هڪ يونٽ ھلائڻ جي صورت ۾ ھر ڪلاڪ ۾ 15200 ڪيوبڪ ميٽر ۽ 24 ڪلاڪن ۾ ملڪ ۾ 364,800 ڪيوبڪ ميٽر آڪسيجن آساني سان مهيا  ٿي ويندي جنهن سان ملڪي ضرورت آساني سان پوري ٿيندي ويندي. آڪسيجن لاءِ استعمال ٿيندڙ سئلينڊر به اسٽيل مل جي ان يونٽ ۾ تيار ٿي سگهندا. حڪمرانن کي اها ڳالھه ياد رکڻ گهرجي ته ماڻهو زنده هوندا ته معاشي ترقي مان فائدو وٺي سگهندا.