ملڪي زرعي پيداوار ۾ اضافو، ڪڻڪ ۽ کنڊ جي امپورٽ

0
319

وفاقي حڪومت دعوا ڪئي آهي ته هن سال چئن فصلن ۾ رڪارڊ پيداوار ٿي آهي ان ۾ ڪڻڪ جي پيداوار جهجهي مقدار(بمپر ڪراپ) ۾ٿي آهي، ٻين فصلن ۾ ڪمند،چانور ۽ مڪئي شامل آهن.ڪڻڪ جي پيداوار پٺئين سال 25 ملين ٽن، هن سال 27 ملين ٽن ٿي آهي.جيڪا8.10 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ڪمند جي پيداوار ۾ 12سيڪڙو وڌيڪ پيداوار رڪارڊ ڪئي وئي جنهن جو وڏو سبب ڪمند جي في مڻ خريد ۾جوڳو اضافو آهي. چانورن جي پيداوار ۾ اضافي جو ڪارڻ، هن سال سارين جي پوک وڌيڪ ايراضي تي ڪئي وئي هئي. چوٿون فصل مڪئي جنهن جي پيداوار ۾ 7 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.اهڙا انگ اکر فيڊرل منسٽر فار نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ سيد فخرامام اسلام آباد ۾ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس ۾ٻڌايا. وزيرموصوف اهوبه اعتراف ڪيو ته ملڪ ۾ ڪاٽن جي پيدارار ۾ گھٽتائي اقتصادي ترقي لاءِ سٺو سنئوڻ نه آهي.ان جو سبب پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪاٽن جي گھٽ ايراضي تي پوک ڪرڻ آهي، اها لاٿ گذريل هڪ ڏهاڪي کان وٺي ٿيندي رهي آهي.
جيڪا صرف هن سال 20 سيڪڙو پوک گھٽ رڪارڊ ٿي آهي، پنجاب 57 سيڪڙو، سنڌ 38 سيڪڙو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان صرف 5 سيڪڙو ڪاٽن پيدا ڪندڙ صوبا آهن. هاڻي ڪاٽن جي گهٽ پوکائي ۽ پيداوار جي ڪري ملڪ جون ٽيون حصو جننگ ملز بند ٿي ويون آهن. ٽوٽل 1300 مان هاڻي صرف 442 جننگ فيڪٽريون فنڪشنل آهن. ڪاٽن جي گھٽ پيداوار جي ڪري لوڪل مارڪيٽ ۾ 14 هزار روپيا في ڳٺڙي جو رڪارڊ اگھه نوٽ ڪيو ويو آهي. جنهن سان 2 کان 3 ارب ڊالر ڪمايا ويندا. پاڪستان جيڪو دنيا ۾ ڪاٽن جي روانگي واپار ۾ هڪ اهم ملڪ پئي رهندو آيو اهو هاڻي پوئتي وڃي رهيو آهي. ڪاٽن جي وڌيڪ پيداوار مان ملڪ کي چڱو خاصو ناڻو ملندو هو جيڪو هاڻي ٽن ارب ڊالرن تي پهتو آهي.
ڪاٽن جي جڳهه تي پوکائي توڙي پيداوار ۾ ڪمند جوفصل سرفهرست آهي، هاڻي ڪمند جي اگهه تي به زميندار خوش نظر اچي ٿو.کيس گھربل اگھه ملي وڃي ٿو، سندن احتجاجي تحريڪون ۽ الحاق ماٺا ٿي ويا آهن. ڪاٽن جي جڳھه تي پوکجندڙ اهي فصل ملڪ کي پرڏيهي ناڻو ڪمائي ڏيندڙ فصل نه آهن، بلڪه اهي فصل ملڪي ادارن توڙي حڪمرانن جي غلط فيصلن جي ڪري خساري وارا ثابت ٿيا آهن، تازو کنڊ جو بحران پڻ ان جو هڪ مثال آهي، پهرين وفاقي ڪابينا جي منظوري سان کنڊ ٻاهر وڪرو ڪئي وئي، هاڻي کنڊ جي کوٽ ٿيڻ تي اها کنڊ وڌيڪ اگھه تي ٻاهران کان گهرائي پئي وڃي.
هڪ طرف زرعي پيداوار ۾ اضافو ٿيو آهي، ٻئي پاسي پاڪستان بيوروآف اسٽيٽسٽڪ جي ظاهر ڪيل انگن اکرن ۾ ڄاڻايو ويو آهي
ته گذريل ڏهن مهينن ۾ ڪڻڪ،کنڊ، کاڄروتيل،سڪوکير، ۽ داليون ٻاهران امپورٽ ڪرڻ تي889 .6 ارب ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن جيڪا رقم پوئين سال جي ڀيٽ ۾ 53.93 سيڪڙو وڌيڪ آهي.ٻاهران گهرايل کاڌي جي شين ۾ 3.612 ملين ٽن ڪڻڪ،کنڊ 2.80 ملين ٽن ٻاهران گهرائي ملڪي ضرورتن جو پورائو ڪيو ويو آهي. ان تي اٽڪل هڪ هزار ارب روپيا ملڪي ناڻي جا خرچ ڪيا ويا آهن. ان جو مکيه ڪارڻ ملڪ مان خاص طور تي افغانستان ڏانهن ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين شين جو سمگلنگ ٿي وڃڻ ٻڌايووڃي ٿو.ملڪ ۾ هڪ طرف دفاعي لحاظ کان سرحدن تي خطرا آهن ته ٻئي پاسي کاڌي جي مکيه شين جو ملڪي بارڊرن تان ٻاهر سمگل ٿيڻ حڪمرانن لاءِ چئلينج بڻجي چڪو آهي.
پاڪستان هن وقت به 83 سيڪڙوتيل ۽ گئس پڻ سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن کان پرڏيهي ناڻي ۾ گهرائيندو رهيو آهي هاڻي وري ملڪ ۾ڪڻڪ، کنڊ جي وڌيڪ پيداوار جي لهڻ جي باوجود ناڪام پاليسين جي ڪري اهي ساڳيا ائٽم ٻاهران گھرائي ضرورتون پوريون ڪيون پيون وڃن اهو موجوده سرڪار جي ناڪامي جو وڏو ثبوت آهي.
اهڙي بحراني صورتحال کي حڪمران ۽ خاص طور تي وزيراعظم صاحب هر ٻئي ڏينهن تي ميڊيا توڙي عوامي اجتماعن ۾ ملڪي جي اقتصادي صورتحال کي بهتر ٻڌائيندورهي ٿوته ملڪ ۾ آيل ترقي، پيداوار توڙي ماڻهن جي قوت خريد ۾ اضافو ٿيوآهي، جنهن سان مخالف ڌر وارا سخت پريشان آهن،سندن ترجمانن جو گروپ پڻ روزانو ملڪ ۾ آيل خوشحالي جو راڳ ڳائيندو رهي ٿو. وزيراعظم اها به دعوا ڪئي ته اسان جي حڪومت ۾ ترقي جي شرح 3.94 سيڪڙو آهي بقول سندس جي ته ان جي تصديق بين القوامي اداري موڊيز ڪئي آهي، دلچسپ ڳالهه ته مالي سال جي شروعات ۾ سندس ئي حڪومت طرفان ترقي جي شرح 2.9 سيڪڙو رکي وئي هئي جيڪا سندن جي ٽارگيٽ کان به وڌي وئي آهي.
ٻئي طرف کاڌ خوراڪ جون اهم شيون ٻاهران گهرائي ملڪي ضرورتون پوريون ڪيون وڃن اتي انهن ئي شين جي رڪارڊ پيداوار جون دعوائون ڪرڻ تي يقين ڪرڻ عام توڙي خاص لاءِ مشڪل آهي.