ملڪي حالتون ڪيڏانهن پيون وڃن؟

0
236
سرد موسم ۾ گرم ٿيل سياسي ميدان

 اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله شھباز گل ڪيس ۾ ريمارڪس ڏيندي چيو ته جنهن کي وڻي اهو ٻئي کي غدار چئي ڏئي اهو مناسب ناهي، غداري جا اڳ ۽ ھاڻي ٺھيل ڪيس غيرمناسب آھن. ان کان سواءِ سندس اهي به ريمارڪس هئا ته ڇا هٿياربند فوج کي سياست ۾ آڻڻ مناسب آھي؟ چيف جسٽس جي انهن ريمارڪس مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي مضبوطي وقت جي اهم ضرورت آھي. سياسي ڌريون فوج جو ڪلهو استعمال ڪري پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ کان پاسو ڪن. شھباز گل جي ضمانت منظور ٿيڻ ۽ عمران خان مٿان دهشتگردي جا قلم لاڳو  ڪرڻ واري آڏي پڇا سرڪاري صفن ۾ ڪجھه مونجهارو پيدا ڪيو آھي پر اصل راند وري به توهين عدالت واري ڪيس جي  فرد جرم لاڳو ٿيڻ کان پوءِ شروع ٿيندي ڏسجي ته 22 کان اڳ معافي اچي ٿي يا ڪيس هلي ٿو. منهنجي خيال ۾ عمران خان هاڻوڪن فيصلن کي ڏسندي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ معافي نامو جمع ڪرائي ڇڏيندو پر اهو ايڏو آسان به ناهي.

                 هن   وقت مٿين علائقن کان سواءِ سڄو ملڪ سيلابي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيو آھي. ڪروڙين ماڻھو پنهنجي اجهن کان نڪري دربدري واري زندگي گذارن پيا. بک بدحالي ۽ بيماريون سندن مقدر ۾ شامل ٿي چڪيون آھن.لکين ڪچا پڪا گهر جهوپڙيون ۽ مسڪينن جا آشيانه يا ته برسات ڊاهي پٽ ڪيا يا وري سيلاب پنهنجي پيٽ ۾َ وهائي مليا ميٽ ڪري ڇڏيا. ڪي بيماريون ته وبائي شڪل اختيار ڪري ويون آھن. موت معصوم ٻارن کي ڳهيندي پئي وڃي. فصل تباهه ٿي ويا آھن غذائي قلت ، چور بازاري عام ٿي وئي آھي. ڪن کي سيلاب ٻوڙيو ڪي وري بکون پيا ڪاٽن ته ڪي وري مهانگائي جي چڪي ۾ پيا پيسجن. اڃا منزل جي خبر ناهي ته اڳتي ڇا ٿيندو؟ ٻاهرين ملڪن کان آيل امداد جي خبر نه ٿي پئي ته اها امداد ڪيڏانهن پئي وڃي ؟ هر طرف ڪجھه ناهي مليو جون صدائون پيون ٻڌجن. هن وقت سيلابي صورتحال صرف منڇر ڍنڍ دادو ضلعي ۾ آھي باقي سڄي سنڌ ۾ برسات متاثرين پنهنجي گهرن ڏانهن واپسي جا منتظر آھن ته سرڪار ڪڏھن تڪڙا اپاءُ وٺي کين واپس پنهنجي وٿاڻن ۾ وسائي ٿي ؟

ملڪ جي امن امان جي صورتحال کي ڏسجي ته اتي به غيريقيني ڏسڻ ۾ ايندي. دهشتگرد آھستي آھستي پنهنجي ٻرن کان ٻاهر ايندا پيا وڃن خاص طور هاڻي ته خيبر پختونخوا جا وزير مشير ۽ چونڊيل نمائندا به دهشتگردن جي ريڊار تي اچي ويا آھن جن کي ڀتي جون پرچيون ملڻ شروع ٿي ويون آھن. ڌمڪين جي زد ۾ ن ليگ ۽ اي اين پي جا چونڊيل ميمبر به اچي ويا آھن. خبرون اهي به اچن پيون ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سرندي وارن کان ڀتو وٺڻ شروع ڪري ڏنو آھي ڀتو نه ڏيندڙ “ڳرن نتيجن ڀوڳڻ جي تياري ڪري” اها ڌمڪي عام ٿي وئي آھي. سوات ۽ ڪوهاٽ ڌماڪن ۾ ٿيل قيمتي جانين جو زيان ملڪي امن لاءِ هڪ سواليه نشان آھي. ان سان گڏ سرحد پار کان پاڪ آرمي جي چوڪين تي ڪيل حملا افغان سرڪار جي نمڪ حرامي کي ظاهر ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن . افغان طالبان پاڻ کي دنيا جي طاقتور فوج کي شڪست ڏيندڙ سڏرائيندا آھن پر اهي ڪجھه هزار ڪالعدم تحريڪ طالبان جي دهشتگردن آڏو ڇو بيوس بڻيل آھن؟ آخر طالبان جي اها ڪهڙي مجبوري آھي جو اهي انهن دهشتگرد خلاف هڪ موثر ۽ فيصلا ڪن آپريشن نه پيا ڪن يا انهن کي اها تنبيھه نٿا ڪن ته اهي پاڪستان خلاف پنهنجون هٿياربند ڪارروايون بند ڪن ؟ ٻئي پاسي ڪراچي ۾ غير قانوني طور ترسيل افغانين مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. هاڻي ته اهي ايڏا ته بدمست ٿي ويا آھن جو سرعام افغانستان جو جهنڊو کڻي ڪراچي شھر ۾ نعرا هڻندي روڊن تي نڪري پون ٿا. حد ته ان وقت ٿي جو ڪجھه نوجوانن کي ڪپڙن کان آجو ڪري افغانستان جي حق ۾ نعرا هڻائن ٿا ۽ کين انسانيت سوز تشدد جو نشانو بڻائي وري وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي وائرل ٿا ڪن. ڪراچي ۾ افغانين جو اهڙو عمل ڪراچي جي امن ۽ ڌرتي ڌڻين جي مستقبل لاءِ هڪ وڏو سواليه نشان آھي ؟ ڪٿي عبدالرحيم گرهوڙي صاحب جي سنڌ بابت ڪيل اڳڪٿي ھاڻوڪين ڏينهن لاء ته نه هئي؟ ڪراچي ۾ قنڌارين جي لٿل لوڌ کي جيڪڏھن ناڪيلي نه هنئي وئي ته تمام وڏي بربادي کان پاڻ کي نه بچائي سگهنداسين.

هڪ ٻي اهڙي خبر جنهن کي عام طور تي ٻڌو ۽ اڻ ٻڌو ڪيو ويو آھي پر منهنجي نظر ۾ ملڪي راڄڌاني ۾ ممڻ مچائڻ لاءِ اها هڪڙي ڌر ئي ڪافي آھي. جنهن پنهنجا پير ڄمائڻ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر اسلام آباد جو رخ ڪيو آھي. جنهن جو ذڪر اڳتي هلي ڪيون ٿا.

جيئن ته اسان وٽ مذھبي ۽ نسلي ڪارڊ جو گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو. مذھب هڪ اهڙو هٿيار آھي جنهن جي وڍيئي جو ويڄ به علاج ناهن ڪندا. ماضي ۾ کوڙ اهڙا موقعا آيا جو مذھبي ڌريون اڳتي آيون ۽ ملڪ جو ڪاروهنوار ٺپ ڪري ڇڏيائون. مشرف دور ۾ لال مسجد ۽ ان جي ھٿ هيٺ هلندڙ مدرسن جي طالبن ڪهڙا ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنا انهن کي ياد ڪرڻ جي ضرورت ناهي پر ان کان پوءِ جيڪي هٿياربند حملا ٿيا ۽  آپريشن ٿيو اهو به ڪنهن کان ناهي وسريو. هاڻي هڪ دفعو ٻيهر لال مسجد جون حالتون خراب ٿيڻ طرف وڌن پيون مولانا عبدالعزيز پوليس ۽ انتظاميه جي روڪڻ باوجود پنهنجي ساٿين سميت مسجد ۾ داخل ٿي چڪو آھي. سندس ساٿين جهادي ترانن سان انتظاميه ڏانهن پيغام موڪلڻ شروع ڪري ڏنا آھن ڏسجي ته اسلام آباد جي انتظاميه ان معاملي کي ڪيئن ڪنٽرول ڪري ٿي؟ مولانا عبدلعزيز اهو ماڻھو آھي جنهن سرعام نجي ٽي وي چينل تي ويهي آرمي پبلڪ اسڪول جي شھيد ٿيل ٻارن کي “شھيد” سڏڻ کان انڪار ڪيو هو. گهڻي خاموشي کان پوءِ مولانا صاحب جو ايئن ظاهر ٿيڻ به سوال ته اٿاري ٿو.

انهن سڀني ڳالهين کان سواءِ عمران خان پنهنجي ڏنل بيانن ڪري اسان جهڙن ماڻھن کي لکڻ لاء هميشه ڪو نه ڪو موضوع ڏيئي ويندو آھي.مان سمجهان ٿو عمران خان ٽي ڏينهن خاموشي جو روزو رکي ته سياست تي لکڻ وارن جي قلم جي مس سڪي ويندي سياست تي ڳالهائڻ وارا گونگا ٿي ويندا ڇو ته خان صاحب اهو ماڻھو آھي جيڪو ڳالهائڻ کان پوءِ سوچيندو آھي. سندس لفظن جي دفاع ۽ وضاحتن لاءِ ٻيا ميدان ۾ لهي ايندا آھن. بهرحال هن وقت جي سياسي صورتحال ڪجھه ڏينهن ۾ تبديل ٿيندي ڏسي رهيو آھيان جنهن جي شروعات پنجاب کان ٿيندي. پنجاب ۾ سياسي صورتحال جي  تبديلي نوازليگ جي بقا پي پي پي جي فائدي جو مسئلو آھي. پنجاب سرڪار نوازليگ جي بقا سان گڏ نواز شريف جي واپسي لاءِ به ضروري آھي. گذريل ڪجھه ڏينهن کان وٺي عمران خان به رڙيون ڪري پيو ته اسان جي پنجاب جي سرڪار ڪيرائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. آصف علي زرداري مولانا فضل الرحمٰن ۽ چوڌري شجاعت به ڪوشش ڪن پيا ته پنجاب ۾ چوڌري پرويز الاهي کي گهر موڪليو وڃي. چوڻ وارا ته اهو به چون پيا ته عمران خان ۽ پرويز الاهي ٻئي هڪٻئي کان بلڪل تنگ آھن بس رڳو لوڪ کي ڏيکاءُ لاءِ هڪ ٻئي کي ڀاڪر ڀريون ويٺا آھن. بس پرويز الاهي کي ايندڙ سيٽ اپ ۾ جاءِ ملڻ جي پڪ ٿي وڃي يا وري کيس يقين ٿئي ته عمران خان جو مستقبل اونداهو پيو ٿئي تڏھن پرويز الاهي عمران خان کان راهون جدا ڪرڻ ۾ دير نه ڪندو. خواجه آصف به پنجاب سرڪار جي تبديلي جي ڳالھه ڪري ڇڏي آھي ڏسجي ته اهو عمل ڪڏھن شروع ٿئي ٿو پر نواز شريف جي واپسي لاءِ پنجاب ۾ سندس وڏو وزير هجڻ ضروري آھي نه ته ڪهاڻي اڻپوري ليکبي.ڇو ته پنجاب سرڪار به ڪهاڻي جو حصو آھي.