ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي سينٽرل ضلعي ۾ جناح ڪامپليڪس ۾ آرٽس ڪائونسل قائم، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي گورنر چيو ته آرٽس ڪائونسل فنڪارن کي ڀرپور موقعا فراهم ڪرڻ جو هڪ شاندار پليٽ فارم آهي، جتي نوجوانن کي به پنهنجن صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، هن وقت پاڪستان جو  معاشرو ۽ معيشت زوال پذير آهن، سماجي توازن نه هجڻ ڪري غريب ڏينهون ڏينهن غريت ٿيندو ٿو وڃي، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ اختلافن جي دائري مان ٻاهر نڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ جيڪي خاميون آهن، انهن جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏ انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ به ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ خواجا اظهار الحسن چيو ته جنهن هنڌ هي عمارت موجود آهي، انهي تي 93 ع کان 98 ع تائين قبضي جي ڪوشش ٿيندي رهي، انهي جي حفاظت ڪرڻ عذاب بڻيل هو، هن چيو ته آرٽس ڪائونسل  ۾ اسڪولن جي ٻارن لاءِ فري ۾ پروگرام رکڻ گهرجن، ان موقعي تي ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي صدر محمد احمد شاهگ، پيرزاده قاسم ۽ ٻين پڻ ويچار ونڊيا..