اسلام آباد: ملڪ اندر پهريون پنجن سالن بعد پهرين مارچ کان ستين گهر ۽ آدمشماري شروع ٿيندي، انگريز سامراج کان آزادي بعد پاڪستان ۾ پهرين آدمشماري 1951 ۾ ٿي ان کانپوءِ  ڏهن سالن جي وقفي بعد 1961 ۾ ٻي آدمشماري ٿي، ٽئين آدمشماري 1971 ۾ ٿيڻي هئي پر ڀارت سان جنگ ۽ بنگلاديش جي ڌار ٿي وڃڻ ڪري ٽئين آدمشماري 1972 ۾ ٿي، چوٿين آدمشماري 1981 ۾ ٿي جڏهن ته پنجين آدمشماري 17 سالن بعد 1998 ۾ ٿي ائين ڇهين آدمشماري به ڊگهي مدت بعد يعني 19 سالن جي وقفي کانپوءِ 2017 ۾ ٿي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنج سالن جي عرصي بعد ملڪ ۾ آدمشماري ۽ گهر شماري ٿي رهي آھي.