اسلام آباد: ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وفاقي بجيٽ کربن مان نڪري پدم ۾ هلي وئي آهي. مالي سال 24-2023ع ۾ وفاق جي ڪل آمدني جو ڪاٿو هڪ پدم 44 کرب 60 رپيا لڳايو ويو آهي، جنهن ۾ 75 کرب رپين جو خسارو آهي. ايف بي آر جي اوڳاڙين جو هدف 92 کرب رپيا، نان ٽيڪس آمدني جو ڪاٿو 29 کرب 63 ارب رپيا لڳايو ويو آهي. بجيٽ ۾ جاري خرچن لاءِ هڪ پدم 33 کرب 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ترقياتي خرچن لاءِ 1140 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هڪ پدم ۾ 100 کرب هوندا آهن.