مورو (ن پ ا) مورو جي رھواسي عورتنجو ڀائرن پاران ملڪيت تي قبضو ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي   نسيم اختر، شھناز اختر، تسليم ڪوثر، شميم ڪوثر ۽ شاھين اختر دانيهندي چيو ته  شھر جي درس روڊ تي اسان جي والد مرحوم شفيع محمد ولد نور محمد راجپوت جي 9 ايڪڙ 28 گھنٽا پلاٽ آھي، جنھن ۾ اسان جا 3 ڀائر   پلاٽ مان حصو ڏيڻ بدران  اسان جي ملڪيت تي قبضو ڪري ڪوڙا ڪاغذ ٺھرائي ڇڏيا آھن، هنن چيو ته اسان کي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.