ملڪيت جو تڪرار: اداڪار جي گهرواري جي وڪيل جا نواز الدين صديقي مٿان سنگين الزام

0
257

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪار نواز الدين صديقي جي گهرواري الزام هنيو آهي ته مڙس مون کي کاڌو ناهي ڏيندو، نه ئي باٿ روم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي

نواز الدين صديقي جي گهرواري عاليا صديقي جي وڪيل بيان ۾ الزام هنيو ته نواز الدين صديقي پنهنجي زال کي نه کاڌو ڏيندو آهي ۽ نه کيس بسترو ۽ باٿ روم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندو آهي

وڪيل چيو ته عاليا ٻارن سان گهر جي جنهن حصي ۾ رهي ٿي، اتي چئني پاسن کان مرد محافظ مقرر آهن ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳل آهن

ڀارتي ميڊيا موجب ڪجهه ڏينهن اڳ نواز الدين جي ماءُ پنهنجي ننهن تي ملڪيتي تڪرار تي ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن کانپوءِ عاليا صديقي جي وڪيل رضوان صديقي نواز الدين ۽ سندس گهر ڀاتين تي سنگين الزام هنيا آهن

هي به پڙهندا

منهنجون بولڊ تصويرون دوست وائرل ڪيون هيون: ماريا واسطي

دپيڪا شاهه رخ خان کي پنهنجي ڪاميابي جو ڪارڻ قرارڏئي ڇڏيو