ملڪاڻي ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ شاهين اليون کٽي ورتو

0
309

ملڪاڻي شريف(ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ عبدالستار پتافي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل جهڏو جي شاهين اليون کٽي ورتو.حاجي عبدلستار پتافي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ 16 ٽيمن حصو ورتو، جن ۾ پتافي اليون، هيسباڻي اليون، ٽنڊوڪولاچي اليون، پنگريو نبي سر گشڪوري، روشن آباد نئوڪوٽ، شاهين اليون جهڏو، سانگي فراهو اليون حصو ورتو. فائنل ۾ پتافي اليون ۽ شاهين اليون جهڏو ٽيمون ميدان تي لٿيون. شاهين اليون جهڏو پهريان کيڏندي ڏهن اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 132 رنز ٺاهيون، جواب ۾ پتافي اليون 6 وڪيٽن جي نقصان تي 106 رنز تي ڍير ٿي وئي. شاهين اليون جو زين بلوچ 44 رنسون ٺاهي ميچ جو هيرو بڻيو. مين آف دي سيريز سجاد سرائي کي قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي حاجي عنايت علي پتافي ونر ٽيم کي ٽرافي ۽ 5 هزار رپيا ڏنا، جڏهن ته رنر ٽيم کي به 2000 هزار رپيا ڏنا ويا.