ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۾ موٽرسائيڪلن جي چوري ۽ بدامني وڌڻ خلاف شهرين ھٿن ۾ پلي بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پنگريو جهڏو روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. شهرين يونس ملڪاڻي جميل لغاري راشد لغاري حبيب الله لغاري ۽ ٻين ٻڌايو ته هڪ ڏينهن ۾ ٻه موٽرسائيڪلون چوري ٿيون هڪ ڊرامائي انداز سان واپس ٿي جڏهن ته ٻي گاڏي جو چوويهه ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس گاڏي کي واپس ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي آهي. شڪايت ڪرڻ لاءِ  خيرپورگنبوه ٿاڻي تي وياسين ته هڪ پوليس وارو ويٺل هو جنهن ڪچي پني تي شڪايت لکي روانو ڪيو هڪ هفتي کان خيرپورگنبوه ٿاڻي تي ڪوبه انچارج مقرر ناهي فقط پوليس اهلڪار ويٺل آهن هنن چيو ته شهر ۾ روزانو وڌندڙ بدامني شهرين جو جئيڻ جنجال ڪري راتيون جاڳي گزارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي ڏينهن ڏٺي جو به چاٻي چور بازار ۽ گهرن اڳيان بيٺل گاڏيون چوري ڪيون پيو وڃن. پوليس فقط رپورٽ داخل ڪرڻ کانسواء ڪجه به ڪرڻ لاء تيار ناهي جنهن ڪري بدامني ۾ واڌارو ٿي رهيو آهي پوليس امن کي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي هنن پوليس کي چويه ڪلاڪ جي مهلت ڏيندي چيو ته گاڏي واپس نه ٿي ته سڀاڻي  شهرين جو وفد ايس ايس پي بدين سان ملاقات ڪري شڪايت ڪندو.