ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي چوپائي ڳائي مال ۾ لمپي وائرس پهچي وئي آهي.  ان ڏس ۾ ملڪاڻي شريف، پتافي ٽيل، مهراب چانڊيو، حيات خاصخيلي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺاڻن ۾ سون جي انگ ۾ ڳائي مال کي لمپي وائرس وڪوڙي  ويو آهي. ڪيترو ئي مال بنا علاج جي وٿاڻن تي بيٺل آهي. خانگي وٽنري ڊاڪٽر غريب ڀاڳين کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا آهن. وٽنري کاتي جي ڊاڪٽر اسپتال جي نه هجڻ ڪري  ڀاڳيا ٻهراڙين جي ٽوٽڪن ڌاڳن ڦيڻن ذريعي پنهنجي مال جو علاج ڪرڻ تي مجبور آهن. ڀاڳين ڪانجي ريٻاري بچل سليم ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته مهانگو علاج ڪرائڻ وس ۾ ناهي رهيو خانگي ڊاڪٽر مهانگيون فيون وٺي مهانگيون دوائون لکي ڏين ٿا جيڪي اسان جي وٺڻ جي وس ۾ ناهن وٽنري کاتو اگهور ننڊ ستل آهي ڀرپاسي ڪا وٽنري جي اسپتال ۽ سرڪاري ڊاڪٽر ناهي جو پنهنجي مال جو علاج ڪرايون مطالبو ڪيو ته جانورن جي ڊاڪٽرن جون ٽيمون موڪلي علاج ڪرايو وڃي.