ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جا ننڍا وڏا سم نالا برساتي پاڻي جي نيڪال بدران علائقي واسين لاءِ تباهي جو ڪارڻ بڻجي ويا آهن. ويهن سالن کان کاٽي نه ٿيڻ ڪري مختلف سم نالن جي پيٽن تي جهنگ ۽ وڻ ڦٽڻ ڪري نالا پورجي ويا آهن، جنهن ڪري برساتن دوران پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ابتا وهي زرعي فصلن ڪچن گهرن جو نقصان ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجن ٿا. گذريل سال برساتن جي موسم ۾ سم نالن ۽ ملڪاڻي شريف ڀرسان گزرندڙ ايل بي اوڊي پراڻ ندي علائقي ۾ وڏو جاني  ۽ مالي نقصان ڪيو هو. سم نالي جي بندن جي مرمت جا ويھ ارب رپيا سنڌ حڪومت منظور ڪيا پر بندن جو مظبوطي سان ڪم نه ٿيڻ ڪري علائقي واسين مان خوف ۽ خطرو ختم نه ٿي سگهيو آهي. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن حاجي علي دلواڻي مٺارام ريٻاري طارق محمود آرائين رزاق دلواڻي ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته اسان جي علائقي ۽ ڳوٺن سان ڀرسان گذرندڙ ايل بي اوڊي سم نالو ۽ پراڻ ندي خوني راڪاس بڻيل آهن جيڪي برساتن جي منڌ ۾ اسان جا گهر تڙ فصل مال متاع سڀ لوڙهي ڇڏي ٿي گزريل سال به هن ايل بي اوڊي کي اسان جي ڳوٺن ڀرسان مختلف هنڌن تا گهارا پيا هئا جيڪي سنڌ حڪومت جي لاپرواهي سبب هڪ هفتي تائين وهندا رهيا بند نه ٿيا هئا جنهن مان اسان کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو هو. فصل تباه ٿي ويا هئا چوپايو مال مري ويو هو ڪچا گهر ڪري پٽ پئجي ويا هئا اسان پندرنهن ڏينهن پنهنجا گهر ڇڏي ٻچا وٺي روڊن تي پيا هئاسين پر سنڌ حڪومت اسان کي ڪوڙا دلاسا ڏئي واپس گهرن ڏانهن روانو ڪيو ويو سنڌ حڪومت هرسال بجيٽ ۾ هن ايل بي اوڊي جي بندن جي مرمت جا ڪروڙين رپيا منظور ڪري ٿي پر نالي ماتر ڪم ڪرائي ٻئي رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي  جنهن ڪري ڪامورا ڪرپشن ڪندا رهندا آهن ۽ اسان ٻڏندا رهندا آهيون علائقي واسين مطالبو ڪيو ته بندن جو مظبوطي سان ڪم ڪرائي سم نالن جي کاٽي ڪرائي تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي.