ملڪاڻي شريف (رپورٽ: وشال ريٻاري ) ملڪاڻي شريف ۾بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ خلاف شٽربند هڙتال ڪري پنگريو جهڏو روڊ مين بس اسٽاپ وٽ تڏا وڇائي 3 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، صفيان ملڪاڻي، نياز محمد لغاري، حاجي عبدالرزاق ملڪاڻي، فرحان لغاري، ماجد لغاري ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته حيسڪو سب ڊويزن جهڏي جي عملي بجلي بند ڪري جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته بجلي نه هجڻ ڪري گهرن، مسجدن، اسڪولن، بازارن، دڪانن ۽ هوٽلن تي پاڻي جي سپلاءِ نه ٿيڻ ڪري پيئڻ جو پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، مجبوري ۾جر جو کارو پاڻي پئيڻ تي مجبور آهيون، اڳواڻن جو چوڻ هو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ سبب فلورملن تي اٽي جي پيسائي نه ٿيڻ ڪري شهر ۾ اٽي جي کوٽ ٿي وئي آهي، پورهيت ويلڊنگ وارا، درزي، دڪاندار بيروزگار بڻجي ويا آهن، مظاهرين چيو ته ملڪاڻي شريف ۽ ڀرپاسي جي پنجاهه ڳوٺن جي بنا ڪنهن سبب جي روشن آباد کان ملڪاڻي شريف جي لائين جون لئنڪون لاهي بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو بجلي جي لوڊشينڊنگ بند ڪئي وڃي، ٻئي صورت ۾ تحريڪ هلائي بک هڙتال ۽ احتجاج جو سلسلو شروع ڪيو ويندو.