ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف ڀرسان يونين ڪائونسل بهادر چانڊيو ۾ آزاد پئنل تي بيٺل اميدوارن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوان جي حق ۾ ھٿ کڻي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ملڪاڻي شريف جي يونين ڪائونسل بهادر چانڊيو تي آزاد اميدوار طور بيٺل عبدالجبار پتافي، محمد موسا پنهور،  منظور چانڊيو، حنيف چانڊيو، اسلم چانڊيو ۽ ٻين اميدوارن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن پٽيل شفيع ميمڻ ۽   غلام محمد چانڊيو جي حق ۾ ھٿ کڻي   پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان ايم پي ميرالهه بخش ٽالپر چيو ته اسان شڪر گزار آهيون  آزاد پئنل جي اميدوارن جا جن  اسان تي اعتماد ڪندي اسان کي عزت ڏني.