مليڪا بخاري به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
234
مليڪا بخاري به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
مليڪا بخاري به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

9 مئي کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن پاران ڌڙاڌڙ پارٽي ڇڏڻ جو سلسلو جاري، مليڪا بخاري به پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،

مليڪا بخاري چيو آهي ته چاهيان ٿي ته وڪيل جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪريان، جيل جي سختي ڏُکي هئي، پوءِ به دليري سان منهن ڏنو

سينيٽر عبدالقادر به پي ٽي آءِ پي ٽي آءِ کان لاتعلقي ظاهر ڪندي چيو ته آزاد حيثيت ۾ سينيٽ چونڊون وڙهڻ بعد پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو هئس، لاتعلقي ظاهر ڪرڻ باوجود سينيٽر طور حيثيت برقرار رهندي

پنجاب ۾ اڳوڻي ايم پي اي ملڪ اڪرم پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڳوڻي ايم اين اي حيدر علي ۽ اڳوڻي ايم پي اي جاويد اختر به پي ٽي آءِ کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا

اسلام آباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر حيدر علي پي ٽي آءِ ڇڏي پ پ ۾ شامل ٿي ويو،پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪُنڊي سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران شموليت جو اعلان