ملير: 746 اميدوارن ۾ مقابلو: ووٽرن پاران ترقياتي ڪمن ۽ نوڪريون نه ملڻ جون دانھون

0
185

ملير: 746 اميدوارن ۾ مقابلو:

 ملير (رپورٽ: ناز شر) مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو، ملير ضلعي جي 3 ٽائونن ۾ چونڊ سرگرميون تيز، اميدوارن پاران ڪارنر گڏجاڻين ۽ منٿ ميڙ جو سلسلو جاري، شهرين  پاران ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽نوڪريون نه ملڻ جون شڪايتون

ورتل جائزي موجب  ملير ضلعي جي  گڏاپ ، ملير ۽ ابراهيم حيدري ٽائونن جي 30 يونين ڪاميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جوڙن توِڙي  ڪائونسلر لاءِ ٿيندڙ چونڊن ۾ 746 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن

ضلعي ۾ وڏو مقابلو گڏاپ ٽائون جي يونين ڪاميٽي 7 مراد ميمڻ تي آهي، جتي وڏي وزير جي خاص معاون ۽ پيپلز پارٽي ملير ضلعي جي صدر سلمان عبدالله مراد ۽ آزاد اميدوار اسد عبدالرسول (صمد بلوچ) آمهون سامهون آهن

هوڏانهن ملير ٽائون جي يوسي 4 خدا آباد تي  پ پ اميدوارن ارشاد علي ۽ سيد مزمل شاهه جي مقابلي ۾  پ پ ايم اين اي آغا رفيع الله  جو  ڪو آرڊينٽر محمد اسرار خان آزاد حيثيت ۾ چونڊ وڙهي رهيو آهي

ٻئ طرف گڏاپ ٽائون جي يونين ڪاميٽي گلشن حديد تي  پ پ اميدوارن رائو صفدر ۽ مير عباس ٽالپر،  پي ٽي آءِ اميدوارن عمير شاهد ۽ محسن سيال، نواز ليگ جي چوڌري فضل الحق ۽ صدرالدين شيخ وچ ۾ٽه رخو مقابلو ٿيندو،ساڳئي ريت  اسٽيل ٽائون جي يونين ڪاميٽي تي پڻ  پ پ  جي غلام رضا جتوئي ۽ امن دين جوکيو،  پي ٽي آءِ جي حاجي حفيظ جوکيو ۽ باصر علي، نوازليگ جي ميان اشفاق مجيد ۽ سليم جوکيو وچ ۾ مقابلو ٿيندو

جائزي دوران معلوم ٿيو ته  ضلعي جي ڪجهه يونين ڪاميٽين تي پ پ ٽڪيٽ نه ملڻ تان  پ پ جا باغي اڳواڻ پنهنجي پارٽي اميدوارن سامهون  چونڊ وڙهي رهيا آهن، يونين ڪاميٽي 10 ڀٽائي آباد تي پيپلز پارٽي جو يوسي صدر حاجي مختيار علي سومرو ٽڪيٽ نه ملڻ تان ناراض ٿي آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي رهيو آهي، ٻئي طرف يونين ڪاميٽي 2 گهگر تي پ پ اميدوار جوڙي حاجي

اڪبر ڪلمتي ۽ خليفو عبدالستار جوکيو جو مقابلو آزاد اميدوار نور حسن قيصراڻي ۽ ٽي ايل پي اميدوار محمد شريف جوکيو سان ٿيندو، جڏهن ته ابراهيم حيدري ٽائون جي يونين ڪاميٽي 2 شاهه لطيف تي  پ پ جي اميدوار جوڙي رستم علي هنگورو ۽ محمد پرويز جو مقابلو پي ٽي آءِ جي محمد حنيف ۽ شاهد حسين سان دوبدو مقابلو ٿيندو

ابراهيم حيدري جي يوسي 8 تي  پ پ  جي حيدر علي ڄاموٽ ۽ اڳوڻي ٽائون ناظم جان عالم ڄاموٽ ۽ پي ٽي آءِ  جي جميلا بلوچ ۽ جهانزيب بلوچ ۾ مقابلو ٿيندو، يوسي 3 ڪيٽل ڪالوني تي  پ پ  جا جاويد اقبال ۽ عبدالستار حمائتي، پي ٽي آءِ جا طارق نيازي ۽ قائم حسين صابري، اڳوڻو يوسي چيئرمين دلمراد حمائتي ميدان ۾ لٿل آهن، واضح رهي ته  پ پ اميدوارن جي مخالفن جي حمايت ڪرڻ تان 15 کان وڌيڪ عهديدارن ۽ اڳواڻن جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي آهي