ملير (رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ملير ضلعي ۾ برسات متاثرن جي رهائش لاءِ 2500 خيمن تي ٻڌل ميگا ٽينٽ سٽي جون تياريون شروع،  1200 تنبو لڳي ويا، ان ڏس ۾ لنڪ روڊ لڳ ايم ڊي اي ۾ قائم ٿيندڙ ٽينٽ سٽي جي  هلندڙ ڪم جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏيل عرب امارتن جو قونصل جنرل بخيت عتيق الرميٿي، صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ڊي سي ملير عرفان سلام پهتا، ان موقعي تي صوبائي وزير ساجد جوکيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملير ۾ قائم ٿيندڙ ميگا ٽينٽ سٽي ۾ گُهربل سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي، 3 ڏينهن اندر ڪم مڪمل ڪري اسڪولن ۾ ترسايل متاثرن کي ٽينٽ سٽي ۾ آباد ڪيو ويندو، هن چيو ته هتي رهائش، کاڌ خوراڪ، اسپتال، اسڪول، مسجد، پيئڻ جي پاڻي ۽  واش رومن جون سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته برسات متاثر سنڌ ڌرتي جا مالڪ آهن، جن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، ڪجهه ماڻهو افواهه ڦهلائي رهيا آهن ته متاثرن کي ٽينٽ سٽي ۾ رڳو هڪ مهيني لاءِ  ترسايو ويندو، آئون واضح ٿو ڪريان ته  متاثر پنهنجا گهر ٺهڻ تائين  ٽينٽ سٽي ۾ رهندا، هتان کين ڪير اٿاري نٿو سگهي، هن چيو ته  يو اي اِي جي قونصل جنرل پاران موڪليل وفد يقين ڏياريو آهي ته ٽينٽ سٽي ۾ متاثرن جي علاج لاءِ خصوصي ايمبولنس جو انتظام ڪرڻ کانسواءِ  گُهربل ٽينٽ پڻ فراهم ڪيا ويندا