ملير (رپورٽر) گهگهر ويجهو ڍولڪ نواز کان ڦر ٿيڻ خلاف فنڪارن جو ملير پريس ڪلب آڏو راڳ ڳائي احتجاج، ڍولڪ نواز کان ڦر ٿيل سوزوڪي پڪ اپ واپس ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد گهگهر ڦاٽڪ تان ڍولڪ نواز علي اڪبر مري کان چار ڏينهن اڳ سوزوڪي پڪ اپ ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف فنڪارن لوڪ فنڪار گلشير چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ ملير پريس ڪلب آڏو راڳ ڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. ان موقعي تي دانهيندي فنڪارن چيو ته هڪ طرف ڪورونا سبب ملڪ ۾ روزگار بند آهي، جنهن ڪري فنڪار فاقاڪشي واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، ٻئي طرف پپري واسي ڍولڪ نواز علي اڪبر مري کان 4 ڏينهن اڳ گهگهر ويجهو هٿياربند سوزوڪي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. اهڙي واقعي جي ايف آءِ آر اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو. هنن مطالبو ڪيو ته ڍولڪ نواز کان ڦر ڪيل سوزوڪي پڪ اپ واپس ڏياري انصاف ڪيو وڃي.