ڪراچي/ملير (رپورٽ: حبيب جمالي، نظير ميمڻ ۽ ناز شر)  ملير جي علائقي غزالي اسڪول ۾ پي ٽي آءِ ۽ پ پ ڪارڪنن ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ ڪراچي ڊويزن جي صدر ۽ ايم پي اي بلال غفار  سميت ٻنهي پارٽين جا 5  ڪارڪن زخمي ٿي پيا، پي ٽي آءِ اڳواڻ بلال غفار کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي پارٽي اڳواڻ به وڏي انگ ۾ پهچي ويا. پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب بلال غفار تي سرن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو ويو، سندس نڪ جي هڏي ٽٽي پئي، بلال غفار کي طبي امداد بعد ايم ايل او رپورٽ لاءِ جناح اسپتال آندو ويو، ان موقعي تي بلال غفار ٻڌايو ته ڌانڌلي جي شڪايت تي آئون پولنگ اسٽيشن پهتس، آئون پي ٽي آءِ جي ڪيمپ تي ئي هئس ته سامهون  پ   پ جي ڪيمپ تي بيٺل ڏهه کان پندرنهن  ماڻهن مون تي حملو ڪيو، حملو ڪندڙن ۾ پ پ ايم پي اي سليم بلوچ به شامل هو، هن چيو ته  پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي. ٻئي طرف  پ پ ملير جي اڳواڻ دانش کوکر ٻڌايو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجن 3 ساٿين سميت پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿي عملي کي هراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پيپلز پارٽي جي ڪيمپ تي موجود ڪارڪنن احتجاج ڪندي انتظاميا کان گُهر ڪئي ته بنا ڪنهن پاس جي پولنگ ۾ داخل ٿيندڙ ماڻهن کي فوري طور تي ٻاهر ڪڍيو وڃي، احتجاج ڪرڻ بعد بلال غفار ۽ ساٿين کي ٻاهر ڪڍيو ويو، جنهن تان ڪاوڙجي پي ٽي آءِ اڳواڻ اسان مٿان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ مون سميت پ پ جو سينيئر ڪارڪن جاويد تاج ۽ ٽي ساٿي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته جهيڙي جي نتيجي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ بلال غفار پڻ زخمي ٿيو. هن چيو ته پلاننگ تحت پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ڌانڌلي ڪرڻ آيا هئا، ڄاڻايل پولنگ نج پيپلز پارٽي جي ووٽرن تي مشتمل آهي. ٻئي طرف  پ پ ايم پي اي سليم بلوچ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ  اڳواڻن پاران مون تي لڳايل الزام من گهڙت آهن، آئون واقعي واري هنڌ  موجود ئي نه هئس. هن چيو ته پي ٽي آٰءِ پاران پنهنجي شڪست سامهون نظر ايندي مختلف پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ جي عمل کي روڪڻ ۽ ڌاندلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  جن کي روڪڻ لاءِ هٿئين خالي  ڪارڪنن پاران احتجاج ڪيو ويو. هن چيو ته 2018 ۾ پيپلز پارٽي اڳواڻ عبدالحڪيم بلوچ واضح برتري سان کٽيو هو پر کيس هٿ وٺي هارائي ڌانڌلي ڪئي وئي. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻن ملير سٽي ٿاڻي تي پهچي درخواست جمع ڪرائي. درخواست ۾ ايم پي اي سليم بلوچ ۽ پيپلز پارٽي ملير جي ضلعي صدر سلمان مراد کي نامزد ڪيو ويو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته  اين اي 237 جي پولنگ اسٽيشن تي ٿيندڙ ڌانڌلي جي اطلاع تي اڳواڻ پولنگ ڪيمپ تي پهتا، جتي چئن گاڏين ۾ سوار سليم بلوچ ۽ سلمان عبدالله مراد پنهنجن ساٿين سميت موجود هئا ٻنهي اڳواڻن پاران تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن مٿان حملو ڪري بلال غفار ۽ جسٽس (ر) رانا شمسي  مٿان بدترين تشدد ڪيو ويو،