ملير (رپرٽر) پورٽ قاسم موڙ ويجهو تيز رفتار ٽرالر جي موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو 45 ورهين جو ثقافت علي پٽ مشتاق علي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نديم پٽ رضوان زخمي ٿي پيو. پوليس فوتي جو لاش جناح اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد ل وارثن حوالي ڪيو. ٻئي واقعي ۾ سپر هاءِ وي الحبيب ريسٽورنٽ وٽان روڊ پار ڪندي تيز رفتار ڪار جي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 27 ورهين جو نياز پٽ رياض فوت ٿي ويو.