ملير ۾ ٻارڙي کي زيادتي ڪري قتل ڪندڙ جوابدار اُن جو پاڙيسري نڪتو

0
213
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي
ٽنڊو الهيار ويجهو معصوم يتيم نينگري سان جنسي زيادتي

ملير (رپورٽر) ملير ۾ نينگري کي  زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري  ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار ٿي ويو، ملير ۾ نينگري کي  زيادتي بعد قتل ڪرڻ واري  ڪيس ۾ مک جوابدار گرفتار ٿي ويو، جوابدار ٻارڙي جو پاڙيسري آهي

 ايس ايس پي ملير حسن سردار نيازي پوليس جوابدار انتظار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، مرڪزي جوابدار جي مدد ڪندڙ  الله رکا نالي جوابدار کي به گرفتار  ڪيو ويو آهي

ايس ايس پي جو چوڻ هو ته جوابدار نياڻي کي ڏٽو ڏئي وٺي ويو ۽ زيادتي بعد گهٽا ڏئي  قتل ڪيو هو، جوابدارن نينگري جو لاش نالي ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو

ٻئي پاسي ٻارڙي جي والد مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار جوابدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ سخت سزا ڏني وڃي،  اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي

هي به پڙهندا

شاگردياڻي سان مبينا زيادتي ڪوشش مامري جو جرڳو: آرائين ڌر تي 10 لک ڏنڊ جي فتويٰ