ملير (رپورٽر) ميمڻ ڳوٺ جي علائقي ۾ 3 مهينا اڳ 13 ورهين جي نينگري حميرا ڌيءُ جاويد ميمڻ سان اجتماعي زيادتي جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي، ان حوالي سان نينگري جي پيءُ جاويد ميمڻ پاران ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي تي 4 جوابدارن 14 ورهين جي مزمل ولد ذاڪر حسين، 13 ورهين جي سبحان ولد محمد عباس، 15 ورهين جي آرض ولد عبدالحميد ۽ 14 ورهين جي عديل ولد عبدالستار خلاف نينگري سان اجتماعي زيادتي جو ڪيس قلم 376، 506/B، 34 تحت داخل ڪرايو آهي، ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي جو قلم پڻ شامل ڪيو ويو، ٻي طرف ڪيس داخل ٿيڻ بعد ميمڻ ڳوٺ پوليس چئني جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، ايف آءِ آر موجب نينگري جي پيءُ ڄاڻايو آهي ته 12 جنوري شام جو ملزم عديل منهنجي ڌيءُ کي پنهنجي خالي پيل گهر ۾ گهرايو، جتي وڃڻ بعد عديل کانسواءِ ٽي جوابدار مزمل، سبحان ۽ آرض اڳ ۾ گهر ۾ موجود هئا، مزمل منهنجي ڌيءُ سان زبردستي زيادتي ڪئي جنهن جي وڊيو عديل ٺاهي، جنهن منهنجي ڌيءُ کي بليڪ ميل ڪري مزمل جي ساٿين عديل، سبحان ۽ آرض به زيادتي ڪئي ۽ کيس ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن اوهان ان ڳالهه جو ذڪر پنهنجي والدين يا ٻئي ڪنهن سان ڪيو ته اوهان کي قتل ڪيو ويندو، جنهن بعد خوفزده ٿي هن ڪنهن کي به نه ٻڌايو، واقعي جي ٽن مهينن بعد جڏهن اها وڊيو واٽس اپ جي مختلف گروپن تي وائرل ٿي، ان بعد مان 4 جوابدارن خلاف ڌيءُ سان زيادتي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ٻئي طرف ميمڻ ڳوٺ پوليس گرفتار 4 جوابدارن کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو، دهشتگردي ٽوڙ عدالت زيادتي جي الزام ۾ گرفتار 4 جوابدارن کي 19 اپريل تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. پوليس موجب جوابدارن 12 جنوري تي ٻارڙي کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو هو، گرفتار جوابدارن نينگري جي ويڊيو ٺاهي ان کي بليڪ ڪري رهيا هئا، جڏهن ته مبينا طور تي اجتماعي زيادتي جو شڪار نينگري حميرا ۽ چئن جوابدارن جو ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ جناح اسپتال مان جُزا ورتا ويا آهن، هوڏانهن نينگري جي والد چيو ته مان استاد آهيان، جوابدارن کي سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.