ملير (رپورٽر) ملير ۾ 14 ورهين جي نينگري سان لڄالٽ جا اطلاع، پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. متاثر نينگري ۽ سندس وارثن بابت ڪو پتو نه پئجي سگهيو. ان ڏس ۾ ڪالهه ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ 14 ورهين جي نينگري سان اجتماعي لڄالٽ جي اطلاع تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ميمڻ ڳوٺ سميت ملير ضلعي جي پوليس تحرڪ ۾ اچي وئي، علائقي جي چڱن مڙسن سان رابطا ڪري سندن مدد طلب ڪئي وئي پر متاثر نينگري ۽ سندس وارثن متعلق ڪابه ڄاڻ نه ملي سگهي. پوليس ذريعن موجب ضلعي جي سمورن انٽيليجنس آفيسرن کي پابند بنايو ويو ته اهي نينگري ۽ سندس وارثن جو پتو لڳائين. پوليس موجب جاچ جاري آهي، ٻڌڻ ۾ اهو به اچي پيو ته واقعو ڪجهه مهينا پراڻو آهي، ٻه ٽي مهينا اڳ 14 ورهين جي نينگري سان سندس ئي هم عمر جوابدارن زيادتي ڪئي هئي. اهڙي قسم جو ڪوبه تازو واقعو رپورٽ نه ٿيو آهي. ٻئي پاسي ميمڻ ڳوٺ جي مسجدن ۾ مان پڻ ان سلسلي ۾ اعلان ڪرايا ويا. پوليس ذريعن موجب ابتدائي طور هڪ نيوز چينل اهڙي خبر نشر ڪئي، ان سلسلي ۾ اداري سان به رابطي ۾ آياسين ۽ چيو ته وٽن جيڪڏهن نينگري ۽ سندس وارثن متعلق ڪا ڄاڻ هجي ته پوليس کي فراهم ڪري پر ان اداري به ڪا ڄاڻ فراهم نه ڪئي آهي.