ملير (رپورٽر) ملير ۾ مڙس فائرنگ ڪري پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتولا ڪجهه وقت اڳ پنهنجي ٻئي مڙس کان طلاق وٺي ٽين شادي ڪئي هئي، رپورٽ موجب  گلشن آمنا واري علائقي ۾  مڙس آدم پنهنجي زال مسافي کي جهيڙي بعد گوليون هڻي قتل ڪري  ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو،  اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ تان 30 بور پسٽل جا 2 کول پڻ تحويل ۾ ورتا آهن، ٻي طرف  مقتولا عورت بابت معلوم ٿيو آهي ته هن پنهنجي ٻئي مڙس کان طلاق وٺي آدم سان ٽين شادي ڪئي، کيس اڳ به ٻن مڙسن مان 4 ٻار آهن، ان حوالي سان مقتولا جي پٽ موجب امڙ  ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجو گهر وڪرو ڪيو هو، گهر جي پئسن مان 20 لک سندس مڙس آدم وٺي جوا ۽ نشي ۾ اڏائي ڇڏيا هئا، امڙ پاران انهن پئسن بابت پڇا ڪرڻ تي بابا جو امان سان جهيڙو ٿيو، جنهن بعد هن گوليون هڻي منهنجي ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو آهي.