ملير(رپورٽر) ملير پوليس  مقابلو رچائي 2 نينگر هاف فراءَ ڪري ڇڏيا، مٿن قتل ڪيس به ظاهر، ان ڏس ۾ شاهه لطيف پوليس سيڪٽر 21 سي ۾ مبينا مقابلي دوران 14 ورهين جي شاهد سوڍا ۽ 16 ورهين جي محسن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي،ان سلسلي ۾ ايس ايچ او شاهه لطيف ٻڌايو ته ڦر جي اطلاع تي پوليس پهچڻ تي ملزمن پاران فائرنگ ڪئي وئي، جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻنهي ملزمن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ٻه ٽي ٽي پسٽل، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي، ايس ايچ او موجب گرفتار ملزمن 18 آڪٽوبر تي ڦر دوران مزاحمت تان هڪ شهري عبدالله کي  گوليون هڻي قتل ڪيو هو،