ملير ۾ قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضي لاءِ آپريشن خلاف بحريه ٽائون جي مُک دروازي اڳيان احتجاج

0
264

ملير (رپورٽر) ملير ۾ قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضي لاءِ آپريشن خلاف بحريه ٽائون جي مُک دروازي اڳيان احتجاج، ايس يو پي ڪارڪنن ۽ ڳوٺاڻن جي انتظاميا ۽ ملير پوليس خلاف نعريبازي، جلال محمود شاهه چيو آهي ته بحريه ٽائون جي ڀرپاسي قائم قديمي ڳوٺن تي قبضي جي سازش ۾ پ پ به ملوث آهي، تاريخي وسندن تي قبضي جو ڳٺ جوڙ ناڪام بڻايو ويندو، جي يو آءِ ف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري طرفان به بحريه ٽائون انتظاميا ۽ پوليس ذريعي قديمي ڳوٺن تي مبينا قبضي جي مذمت ڪئي وئي آھي، راشد محمود سومرو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته صدين کان آباد ماڻهن کي بي گهر ڪري ملڪ رياض کي زمينون ڏنيون پيون وڃن، سنڌ سرڪار قيمتي ۽ قديمي زمينون ڀڳڙن مُٺ تي بحريه ٽائون کي وڪڻي ڇڏيو، قديمي ڳوٺن جي زمين ي قبضي جي اجازت نه ڏني ويندي، سنڌ واسي بحريه ٽائون، ذوالفقار آباد ۽ ڊي ايڇ اي جهڙين وڌيڪ رٿائن کي قبول نه ڪندا