ملير(رپورٽر) ملير جي علائقي ڀٽائي آباد جي رليف ڪيمپ ۾ ترسيل قمبر واسي برسات متاثر نور احمد چانڊيو جي 2 سالن جي معصوم ٻارڙيءَ صغري ٰ چانڊيو بروقت علاج  نه ٿيڻ سبب فوت ٿي وئي، ٻارڙيءَ جي وارثن ۽ علائقي واسين انهي واقعي خلاف 5 ڪلاڪن تائين ڌرڻو هڻي ملير انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ٻارڙيءَ جي والد نور احمد چانڊيو صحافين آڏو دانهيندي چيو ته منهنجي معصوم نياڻي کي تيز بخار ٿيو هو ، رليف ڪيمپ جي ڊاڪٽرن ٻارڙي کي جناح اسپتال ريفر ڪيو، جناح وارن بيڊ نه هجڻ جا عذر ڏئي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بعد ۾ اسان معصوم صغريٰ  کي سول اسپتال کڻائي وياسين، اسان سڄي رات اسپتال ٻاهران ويٺل رهياسين، معصوم نياڻي اسان جي هٿن ۾ فوت ٿي وئي، هن چيو ته اسپتال انتظاميا پاران ايمبولينس نه ڏيڻ بعد اسان معصوم ڌيءِ جو لاش رڪشا تي کڻائي آياسين، هن دانهيندي چيو ته اسان جو سڀ ڪجهه برساتن دوران تباهه ٿي ويو، اسان دربدر ٿي ڪراچي پهتاسين، هن چيو ته ڀٽائي آباد جي رليف ڪيمپ ۾ ڪوبه عملدار سار لهڻ نه آيو آهي، 5ڪلاڪن بعد اسسٽنٽ ڪمشنر مير محمد ڌرڻي واري هنڌ پهچي متاثرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهن بعد معصوم صغريٰ  چانڊيو  کي ڀٽائي آباد جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو