ملير(رپورٽر) ملير ۾ برسات متاثر 2 ٻارڙيون ڊينگي وگهي فوت: لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو: پوليس جا داٻا، ان ڏس ۾ گهگهر ڦاٽڪ ويجهو ٻه معصوم ٻارڙيون ٻن ورهين جي سائره ڌيءِ منير احمد کوسو ۽ فريده ڌيءِ خادم حسين کوسو ڊينگي وگهي فوت ٿي ويون ، علائقي جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن مولانا اسماعيل مگسي، منير احمد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻارڙيءَ جو لاش رکي ٺٽو_ڪراچي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين صحت کاتي ۽ ملير انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه جي ٺٽي ضلعي جي دوري تي وڃڻ واري پروگرام سبب ڊي ايس پي بن قاسم نظر محمد ڊيشڪ ۽ ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون گلبهار بلوچ  پهچي احتجاج ڪندڙن کي روڊ خالي ڪرڻ لاءِ ڪيس ۽ گرفتارين جا داٻا ڏنا، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه جي گذرڻ وقت مظاهرين پنهنجو احتجاج جاري رکيو  ،ان موقعي تي  فوتي ٻارڙي سائره  جي پيءِ منير احمد کوسو چيوته هڪ هفتو اڳ معصوم سائره کي بخار ٿيو،  اسپتال پهچڻ تي ڊاڪٽرن ڊينگي بخار جي تصديق ٿي، ،ڊينگي سبب فوت ٿيل ٻي ٻارڙيءَ  فريده جي پيءِ خادم حسين کوسو ٻڌايو ته منهنجي ڌيءِ 10 ڏينهن کان بيمار هئي، اسان سندس علاج لاءِ مختلف اسپتالن جا چڪر لڳايا، پئسا نه هئڻ سبب علاج  ڪرائي نه سگهياسين، جنهن سبب  منهنجي معصوم ڌيءِ فوت ٿي وئي،ھنن چيو ته ملير انتظاميه ڊينگي جي روڪٿام لاءِ اسپري ناهي ڪرايو، احتجاج بعد  سائره کوسو جي جنازي نماز نيشنل هاءِ وي تي ۽ فريده کوسو جي جنازي نماز پاڪ لينڊ روڊ تي ادا ڪئي وئي، ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ڊي ايچ او مقبول ميمڻ ٻڌايو ته ملير ۾ ڊينگي گهٽ آهي، مونکي اها خبر ناهي ته گهگهر ۾ برسات متاثر به رهن ٿا.