ملير(رپورٽر) پورٽ قاسم ويجهو نجي اسپيئر پارٽس ڪمپني جي پورهيتن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪمپني جي مک گيٽ آڏو ٻئي ڏينهن به اختر حسين سهتو، رجب، لعل بخش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو لڳايو، احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ پورهيتن پاران انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي،ان موقعي تي مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پورهيتن کي وقت سر پگهارون ادا نه پيون ڪيون وڃن، جڏهن ڏنيون وڃن ٿيون انهن مان به بنا جواز جي پگهار ڪاٽي وڃي ٿي،  هنن چيو ته ملڪ ۾ قائم تمام ڪمپنيون رمضان جي مهيني ۾ روزي ۾ الائونس ۽ رهتن سميت رليف ڏينديون آهن پر اسان جي ڪمپني اسان سان ماٽيلي ماءِ وارو سلوڪ ڪري رهي آهي،  پورهيتن جي ٻئي ڏينهن به سخت احتجاج بعد انتظاميا پاران پورهيتن سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبن مڃڻ ۽ وڌيڪ ڳالهيون ڪرڻ جي خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.