ملير (رپورٽر) ملير جي مجيد ڪالوني ۾ سيوريج جو گندو  توڙي برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب علائقو  تلاءُ  جو ڏيک ڏيڻ لڳو، لاڳيتو پاڻي بيهڻ ڪري علائقي ۾ ڊائريا، مليريا سميت مختلف بيمارين منهن ڪڍيو، ڪالوني جا ڪيترائي ٻارڙا اسپتال ڀيڙا ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ نواز ليگ ملير جي ضلعي صدر محمد فيروز خان ۽ ٻين صحافين  کي ٻڌايو ته برسات  توڙي گٽرن جو گندو پاڻي روڊن، رستن، پارڪ ۽ گهٽين ۾ بيٺل آهي، جنهن سبب علائقي واسي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته ڊي ايم سي ملير ۽ واٽر بورڊ انتظاميا کي بار بار درخواستون  ڏيڻ باوجود گندو پاڻي نيڪال  ناهي ٿيو، هنن چيو ته پاڻي بيهڻ سبب مختلف وبائي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، هنن چيو ته  گندو پاڻي  نيڪال نه ٿيو ته مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو  هنيو ويندو.